استاد ذاڪر حسين: طبلي جي وَڄت جي هڪ دؤر جي پُڄاڻي
ياسر قاضي
مون ڪونه سوچيو هو ته اڄوڪو ڪالم مونکي ننڍي کنڊ جي وڏي طبله نواز استاد ذاڪر حسين جي تعزيت نامي طور لکڻو پوندو، جنهن جُون جادوگر آڱريون جڏهن طبلي جي پُڙيءَ تي تالُن جي اُڻت ڪنديُون هيون، ته طبلي جي وَڄتِ ڪنهن سَت رنگي تاڃي پيٽي وانگر سامع آڏو ڪنهن نرالي نقش جِي صورت اُڀري ايندي هئي. استاد ذاڪر حسين رڳو ماهر طبلي نواز ئي نه هو، بلڪه هُو هڪ اهڙو جادوگر هو، جنهن جون آڱريون هر تال تي ڪهاڻيُون ٻڌائينديون هيون. هو ڪوئي عام طبلو وڄائيندڙ نه هو، بلڪه طبلي کي مصوريءَ وانگر نِت نون چِٽن چٽڻ جي آرٽ بڻائڻ وارو آرٽسٽ هو. هُو طبلو ايئن وڄائيندو هو، جيئن ڪينوس تي ڪو ماهر مصوّر پنهنجا نوان نقش چِٽيندو آهي ۽ سندس مداح توڙي ڏسندڙَ، انهن چٽن کي ڏسي حيران ٿي ويندا آهن.
9مارچ 1951ع تي بمبئيءَ ۾ جنم وٺندڙ ذاڪر الله رکا قريشي (جيڪو اڳتي هلي دنيا آڏو ’استاد ذاڪر حسين‘ طور شُهرت جي آسمان تي چمڪيو) جِي اک اُن گھر ۾ کلي، جتي تالَ، ابلاغ جي ٻِي ٻولي هئي. سندس والد، عظيم وَڄتڪار استاد الله رکا، پنهنجي هن ٻار جو طبلي سان تعارف تڏهن کان ئي ڪرايو، جڏهن کان هي سڌو ٿي ويهڻ سکيو. ذاڪر حسين پهريون دفعو پنهنجي فن جو مظاهرو رڳو ستن سالن جي عمر ۾ ڪيو. سندس فني صلاحيتن کيس جلد ئي سينيئر استادن جي ويجهو آڻي ڇڏيو. ذاڪر حسين، اوڀر ۽ اولهه جي بهترين سنگيت کي طبلي ۽ جاز جي فيوزن سان گڏي ڪمپوز ڪري پيش ڪيو. ’رائل البرٽ هال‘ هُجي يا ’ميڊيسن اسڪوائر گارڊن‘، ذاڪر حسين دنيا جِي هر اهم جاءِ تي پرفارم ڪيو ۽ ڪيترين ئي فلمن جي موسيقي پڻ ڏنائين. ذاڪر حسين جو شمار ننڍي کنڊ جي انهن طبلي نوازن ۾ ٿئي ٿو، جن حضرت امير خسرو جي ايجاد ڪيل هن ساز کي ٻين راڳين جي سنگت ۾ وڄائجڻ کان ٻاهر ڪڍي هڪ انفرادي ساز جِي حيثيت ۾ ”سولو پرفارمنس“ وارو ساز بڻايو. ذاڪر حسين طبلي جو اهو ماهر ڪاريگر هو، جنهن اُن جِي روايت کي برقرار رکندي، ان ۾ جدت آڻي اهڙي نرالي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو، جو ان طبلي جي وَڄتِ کي هڪ ”آرٽ“ بڻائي ڏيو. هُو ان ڏس ۾ اهو اقرار ڪندو هو ته ان ساز ۾ مون جيڪا به جدت آندي آهي، ان ۾ منهنجي والد جي سيکاريل سبقن هڪ ”بليُو پرنٽ“ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ذاڪر حسين جي وڄايل عالمي شهرت يافته سائونڊ ٽريڪس منجھان مُکُ، ”اِن ڪَسٽڊِي“ (1993ع)، ”لِٽل بُڌا“ (1993ع)، ”ساز“ (1998ع)، ”وناپَرسٿم“ (1999ع)، ”مسٽر اينڊ مسز ليئر“ (2002ع)، ”وَن ڊالر ڪَرِي“ (2003ع) وغيره شامل آهن. ذاڪر حسين رڳو طبلي نواز ۽ ڪمپوزر ئي نه هو، بلڪه اداڪار به هو. هن ڪجھه فلمن ۾ ۽ ڪجھه گيتن جي ويڊيوز ۾ اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريا. هن جارج هيريسن جي 1973ع ۾ جاري ڪيل البم ”لِـوِنگ اِن دي مَٽِيريل ورلڊ“ ۽ ”جان هينڊي“ جي ساڳئي سال رليز ٿيل البم ”هارڊ ورڪ“ ۾ اداڪاري پڻ ڪئي. هن وان موريسن جي 1979ع ۾ رليز ٿيل البم ”انٽُو دِي ميُوزڪ اينڊ اَرٿ“ ۽ ”وِنڊ اينڊ فائر“ جي 1983ع ۾ رليز ٿيل البم ”پاور لائٽ“ ۾ پڻ اداڪار جي حيثيت سان پرفارم ڪيو.
نسرين مني ڪبير نالي ڀارتي شوبزنس ليکڪه، استاد ذاڪر حسين سان سندس زندگيءَ بابت ڄاڻڻ لاءِ 2016ع ۽ 2017ع جي وچ ۾ 15 ڊگها انٽرويو ڪيا ۽ پوءِ 2018ع ۾ انهيءَ سڄي بي تڪلف ڳالهه ٻولهه کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪيو، جيڪو ذاڪر حسين جي زندگيءَ جي پاڻ ٻڌايل واقعن ۽ قصن تي ٻَڌل آهي. ان ڪتاب ۾ سندس زندگيءَ جي انتهائي دلچسپ پهلوئن جو سندس ئي زباني ذڪر شامل آهي. ان ئي ڪتاب ۾ شامل سندس ڳالهه ٻولهه مُوجب ذاڪر حسين خانگي محفلن ۾ پرفارم ڪرڻ پسند ڪونه ڪوندو هو. جنهن جو سبب هُو اهو ٻڌائيندو هو ته اهي اهڙيون تقريبون هونديون آهن، جتي ماڻهو هڪٻئي سان ملڻ جُلڻ لاءِ ايندا آهن… ڪچهري ڪندا آهن… کائيندا پيئندا آهن… هو اهڙيءَ جاءِ تي پنهنجي ذاتي گپ شَپ مان وقت ڪڍي ڪلاسيڪي موسيقي ڇو ٻُڌندا!؟ جيڪڏهن ٻُڌندا به ته ثانوي تفريح جي طور تي… هن قسم جي سنجيده سنگيت جو مظاهرو ڪنهن ڪانسرٽ هال يا ٿيئٽر ۾ ئي مناسب انداز ۾ ٿي سگھي ٿو، جتي ماڻهو پنهنجيُن پنهنجيُن جايُن تي ويٺا هجن، هال ۾ اُوندهه هجي، اسٽيج تي روشني هجي ۽ حاضرِين جو پُورو ڌيان اسٽيج تي هجي ۽ فضول قسم جي اچ وڃ نه هجي.
ان ڪتاب ۾ پنهنجي ننڍپڻ وارن ڏينهن جي سخت رياضت بابت ٻڌائيندي ذاڪر حسين چوي ٿو ته: ”مُونکي ان دؤر ۾ ڏهاڙِي رڳو پنج ڪلاڪ ننڊ مَسَ نصيب ٿيندي هئي. بابا مونکي صبح جو 3:00 لڳي جاڳائيندو هو. هُو مون سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻ پلٿي ماري ويهي طبلي جو رياض ڪرائيندو هو. ان وقت آءٌ طبلو ڪونه وڄائيندو هئس، بلڪه رڳو طبلي جا ٻولَ پنهنجيءَ زبان سان ورجائيندو هئس. هڪ کانپوءِ هڪُ ٻولُ دهرائيندي بابا مونکي ٻُڌائيندو هو ته طبلي جا هِي ٻولَ فلاڻي استاد جا آهن… هيءَ گَتِ فلاڻي بزرگ جِي آهي. خاص ڪري جڏهن هُو پراڻن ماڻهن يا پنهنجن استادن بابت مونکي ٻُڌائيندو هو ته سندس چهري تي هڪ عجيب سڪون ۽ اکين ۾ چمڪَ نظر ايندي هئي.“
ذاڪر حسين کي 1988ع ۾ هندوستان سرڪار پاران ”پدم شرِي ايوارڊ“ ۽ 2002ع ۾ ”پدم ڀُوشن“ اوارڊ ڏنو ويو. 1990ع ۾ کيس سنگيت ناٽڪ اڪيڊميءَ پاران ”سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ“ پڻ مليو. 1999ع ۾ کيس ”آرٽس قومي ورثي فيلوشپ“ لاءِ امريڪي اوارڊ ڏنو ويو، جيڪو روايتي فنڪارن ۽ موسيقارن کي ڏنو ويندڙ اعليٰ ترين اعزاز آهي. ذاڪر حسين کي پرسٽن يونيورسٽيءَ جي هيومنٽيز ڪائونسل پاران ”اولڊ ڊومينين فيلو“ جو درجو ڏنو ويو، جتي هو 2005ع کان 2006ع تائين سنگيت جو پروفيسر رهيو ۽ اولهه جي نؤجوانن کي سنگيت پاڙهيندو رهيو. ذاڪر حسين کي مليل اڻ ڳڻين عالمي اعزازن ۾ اهو به شامل هو ته هُو ”بل لاسويل“ جي ورلڊ ميُوزڪ سُپر گروپ ”طبلا بِيٽ سائنس“ جو باني ميمبر هو. 2016ع ۾ کيس اڳوڻي امريڪي صدر براڪ اوباما پاران وائيٽ هائوس ۾ ”انٽرنيشنل جاز ڊي 2016ع ــ آل اسٽار گلوبل ڪنسرٽ“ ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ دنيا جي چونڊ ڪلاڪارن سان گڏ دعوت ڏني وئي هئي، جتي سندس پرفارمنس کي صدر اوباما سان گڏ سڄيءَ دنيا جي چونڊ مهمانن خوب ساراهيو.
استاد ذاڪر حسين، متعدد ڀيرا پاڪستان ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جن پرفارمنسز منجھان 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ جي هڪ پنج تارن واري هوٽل ۾ سندس عدنان سميع خان سان ڪيل ڪانسرٽ به هڪ يادگار پرفارمنس هئي. تڏهن عدنان سميع بالڪل نؤجوان راڳي ۽ سنگيتڪار هو. فن جي هِن مظاهري ۾ عدنان سميع پيانو تي ۽ استاد ذاڪر حسين طبلي تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ماحول مَنڊيو هو. اها جُگلبندي ايڏي ته سحر انگيز هئي، جو ٻُڌڻ سان عجيب ڪيفيت طاري ڪريو ڇڏي. ان پروگرام جي ريڪارڊنگ ان زماني ۾ ”اِي ايم آءِ“ (EMI) ڪمپنيءَ آڊيو ڪيسيٽ جي صورت ۾ رليز ڪئي هئي، جيڪا هاڻي ”يُوٽيُوب“ تي دستياب آهي.
طبلي جي وڄت جو هي شهنشاهه وڄتڪار، ڪالهه 16 ڊسمبر 2024ع تي (جڏهن امريڪا ۾ اڃا 15 ڊسمبر هئي) امريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر، ’سين فرانسسڪو‘ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ننڍي کنڊ ۾ جيئن شرناءِ جو نالو وٺڻ سان پهريون نالو استاد بسم الله خان جو ذهن ۽ زبان تي اچي ٿو، تيئن طبلي جي جديد وڄت جي حوالي سان طبلي جو نالو کڻڻ سان ”ذاڪر حسين“ جو نالو سڃاڻپ بڻجي چُڪو آهي ۽ ايندڙ ڪئين زمانن تائين طبلي جِي هڪ مضبوط سڃاڻپ رهندو.
ڊسمبر 17, 2024