سول نافرماني جو سڏ واپس ناهي ورتو ويو: بيرسٽر گوهر
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان سول نافرماني جو سڏ واپس ناهي ورتو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته سول نافرماني جو سڏ پي ٽي آءِ باني ڏنو آهي ۽ واپس ناهي ورتو ويو.
هن چيو ته باني جي ڪنهن به سڏ جي پي ٽي آءِ پارلياماني ڪميٽي ۽ عوام مڪمل حمايت ڪندو.