مدرسا بل ۾ ڪا ترميم قبول ناهي، ڳالهه نه مڃي وئي ته فيصلو ميدان ۾ ٿيندو: فضل الرحمان

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدسا بل هاڻي ايڪٽ بڻجي چڪو آهي، هاڻي اسان ڪا ترميم قبول نٿا ڪري سگھون ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه نه مڃي وئي ته پوءِ ايوان ۾ نه پر ميدان ۾ فيصلو ڪيو ويندو.
قومي اسمبلي ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جو موقف آهي ته مدرسا بل هاڻي ايڪٽ بڻجي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن بل کي ايڪٽ تسليم ڪرڻ بنا ٻيهر منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو ته اها آئين جي ڀڃڪڙي هوندي، هڪ غلط روايت ڇو پئي وڌي وڃي، ائين ته آئين ئي ختم ٿي ويندو.
هن چيو ته مدرسا رجسٽريشن معاملي ۾ حڪومت سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، اسان ايوان ۽ آئين جي تحفث جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، ڪوشش اها آهي ته اتفاق راءِ سان معاملا حل ڪيا وڃن پر اسان کي چيو وڃي ٿو ته آءِ ايم ايف ۽ ايف اي ٽي ايف ناراض ٿي ويندا، ڇا اسان جي قانون سازي غيرن جي هدايت ۽ رضامندي سان لاڳاپيل هوندي؟ ڇا اسان آزاد ملڪ ناهيون؟ جيڪڏهن اسان غلام آهيون ته اسان کي ٻڌايو وڃي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪي ڪانگريس ۾ عمران خان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪئي وڃي ٿو ته چئو ٿا پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت آهي پوءِ ڇا هي مداخلت ناهي؟

ڊسمبر 17, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو