گن پوائنٽ تي ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن: خواجا آصف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سول نافرماني جي تلوار ٽنگيل آهي، اهڙي ماحول ۾ ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن.
قومي اسمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته مون کي ڊي چوڪ تي ماڻهو مارجڻ جو ڪو علم ناهي، لطيف کوسا ٻي ڳالهه ٿو ڪري ۽ هي ڪجهه ٻيو ٿا چون، اهي ٻڌائين ته رينجرز وارن کي ڪنهن ماريو آهي؟ جڏهن مذمت ٿيڻ گهرجي ته سڀني جي ٿئي، پسنديده ماڻهن جي مذمت نه ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪابينا هڪ ئي شخص خلاف آرٽيڪل 6 لڳايو ۽ اهو مان آهيان، جڏهن مان ڳالهائيندو آهيان ته منهنجو به جيڪو ڏوهه هوندو آهي اهو سامهون اچي ويندو آهي، شڪايتون هڪدم ختم ناهن ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته توهان سول نافرماني جي بندوق تاڻي آهي، اها پل پار ڪرڻ کان پوءِ ڳالهيون ڪيو، اهڙي ريت گن پوائنٽ تي ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، اسان جي پنهنجي جنگ ۾ نقصان قوم جو ٿي رهيو آهي، پنهنجي صوبي جي خراب حالتن کي نظرانداز نٿا ڪري سگهو.
خواجا آصف چيو ته مان ڳالهين جو ماهر ناهيان، ٻنهي پاسن کان ماهر موجود آهن، تبديلي اهڙي آڻڻ گهرجي ته هڪ سٺو ماحول ٺهي سگهي، زهر اوڳاڇي ماحول نٿو ٺاهي سگهجي.v