تاپسي پنو جو پنهنجي شادي بابت وڏو انڪشاف
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو انڪشاف ڪيو آهي ته مان 2024 نه پر 2023 ۾ شادي ڪئي هئي.
تاپسي پنو پنهنجي بواءِ فرينڊ بيڊمنٽن رانديگر ميٿيوس بو سان شادي ڪئي هئي، سندن شادي جون تقريبون هن سال مارچ ۾ ادي پور ۾ ٿيون.
پنهنجي تازي انٽرويو ۾ تاپسي چيو ته ماڻهو منهنجي شادي بابت حقيقت نٿا ڄاڻين، ڇو ته مان ان جو باضابطا طور اعلان نه ڪيو، مان گذريل سال ڊسمبر ۾ ئي شادي ڪري ڇڏي هئي، هاڻ ته شادي جي سالگرهه اچڻ واري آهي.
هن چيو ته گذريل سال ڊسمبر ۾ اسان شادي جي ڪاغذن تي صحيحون ڪري ڇڏيون هيون، جيڪڏهن آئون اڄ اها ڳالهه نه ڪيان ته ڪنهن کي ان جي خبر نه پئي.