برسبين ٽيسٽ، هيڊ جي ڀارت خلاف وري سينچري، آسٽريليا جون 7 وڪيٽن تي 405 رنسون

Spread the love

برسبين (ويب ڊيسڪ) برسبين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 405 رنسون ٺاهي ورتيون.
ٻئي ڏينهن عثمان خواجا 21، نيٿن ميڪسويني 9 ۽ مارنس لبوشين 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، 75 جي مجموعي اسڪور تي 3 وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ ٽريوس هيڊ ۽ اسٽيو سمٿ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي سنڀاليو ۽ اسڪور کي 316 تائين پهچائي ڇڏيو.
ان دوران ٻنهي رانديگرن پنهنجون سينچريون اسڪور ڪيون، هيڊ 152 ۽ سمٿ 101 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا، مچل مارش 5 ۽ ڪپتان پيٽ ڪمنز 20 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا.
آسٽريليا جو اسڪور 7 وڪيٽن جي نقصان تي 405 تي پهتو ته ٻئي ڏينهن جي راند ختم ڪئي وئي، ايليڪس ڪيري 45 ۽ مچل اسٽارڪ 7 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا.
ڀارت طرفان جسپريت بمرا 5، محمد سراج ۽ نتيش ڪمار هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن ۾ 5 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي.

ڊسمبر 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو