ناول ”ڊاڪٽر ديو“ جو تنقيدي جائزو
سُورِھُ سنڌي بنگلاديش
ڪڏهن ڪڏهن پيڙا ۽ درد لکڻين مان واچُوڙو بڻجي جسم کي وڪوڙي، پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڪکن پنن جيان اُڏاريندو الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي رسائيندو هو! امرتا سان وقت، مفاصلي ۽ جسماني دُوري ته هئي پر پيڙا ۽ درد ڄڻ ته مون کي سندس ويجهو ڪري ڇڏيو هو. چوٿين نومبر 1992 تي منهنجي گهر لڪشمڻيءَ جي آمد ٿي ته بنا سوچ ويچار جي سندس نالو امرتا رکيم! ڳوٺاڻو ماحول! جتي نبات خاتون، نُور ڀري يا ٻين عربي توڙي فارسي نالن جي ڀر مار هجي اتي اهڙو نالو جنهن تي واڻڪي هجڻ جو گمان به هجي ته پوءِ ڪيڏي نه وٺُ ٿي هوندي تن ڏينهن ۾! پر پوءِ به امرتا، امرتا سُورِھُ بڻجي اسان جي اڱڻ ۾ ڪُڏڻ لڳي هئي جنهن اسان جي گهر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا.
اها شايد ساڻس پيڙا يا احساسن جي ڪا هڪ جهڙائي ئي هئي جو سندس جتي به ڪا ڪهاڻي ڪو ليک يا ڪو ڪتاب نظر چڙهندو هو ته حاصل ضرور ڪبو هو. مان چاهيندي به سندس ڪنهن ناول يا ڪهاڻيءَ کي سنڌي ويس ڏيئي نه سگهيو هوس. سندس لکڻيءَ جي درد کي پڙهڻ ويل جيترو ڀوڳڻو پوندو هو ته، هوند سنڌي ويس ڏيڻ ويل ڇا ته هشر ٿئي ها! اهڙي همت ساري نه سگهيو هوس.
محترما حميده قاضي سچي ته وڏي دل ۽ گُڙدي واري آهي جنهن ڊاڪٽر ديو کي سنڌي ويس ڍڪايو آهي. ڊاڪٽر ديو پڙهندي سواءِ هڪ اڌ هنڌ، جتي اڙدو جملي جي ترتيب يا لفظن جي اڙدوپڻي جو هُڳاءُ اچي ٿو باقي ڪٿي به محسوس نه ٿو ٿئي ته هي ڪو ترجمو ٿيل ناول پڙهجي رهيو آهي يا وري مانائتي حميده قاضيءَ جو پنهنجو تخليق ڪيل ناول پڙهجي رهيو آهي. ٻولي سادي سلوڻي پر سٽاءُ اهڙو ته سُهڻو جو ڪٿي به ڪا رنڊڪ ئي محسوس نه ٿي. ڊاڪٽر ديو کان اڳ بيدل مسرُور جو سنڌي ويس پهريل ڪرشن چندر جو ناول پيار جو گيت پڙهيم جنهن ۾ صورتخطيءَ جون تمام گهڻيون چُڪون هيون، حد کان وڌِ چُڪون پڙهڻ جي تسلسل ۾ رنڊڪ وجهڻ سان گڏ پڙهڻ جي لُطف کي پڻ ڪِرِڪِرو ڪريو ڇڏين. اهو ائين آهي جيئن چانورن يا جُوئر جي مانيءَ سان مکڻ مليل پلِي جو ٻوڙ کائيندي ڪا سنهڙي پٿري يا ڪو ٿُلهو واريءَ جو داڻو ڏندن وچ ۾ اچي مزو ڪِرِڪِرو ڪندو آهي. جڏهن ته ساڳئي اداري، نئون نياپو اڪيڊمي، پاران هي ڪتاب ڇپرايو ويو آهي پر هن ۾ سواءِ آڱريُن تي ڳڻي سگهجندڙ غلطين جي باقي ڪي خاص ۽ وڏيون چُڪون نه آهن.
سنڌيڪار جي پنهنجن ئي لفظن ۾ ته : ”ٻولي رُوح جي رتُ آهي، جنهن ۾ خيال اُڀرن ٿا ۽ گردش ڪن ٿا. هر ٻوليءَ جي لفظن کي روح آهي، جيڪو صدين جي ارتقا مان گذريو آهي. جڏهن هڪ تخليقڪار پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهھ تخليق ڪري ٿو ته هو پنهنجو قومي ادب تخليق ڪري ٿو، پر جڏهن انهن لفظن کي ڪنهن ٻي ٻولِيءَ جو لباس ٿو پهرايو وڃي ته اصلي لکڻيءَ جي اندروني رُوح کي سمجهڻ هڪ ترجمي ڪرڻ لاءِ لازمي آهي.“ ۽ امرتا پريتم جهڙي وڏي پائي جي ليکڪا جي جُتيءَ ۾ پير پائي سندس ناول ڊاڪٽر ديو کي سنڌي ويس پهرائيندي، رُوح جي رتُ جا جيڪي ريلا حميده قاضيءَ وهايا آهن سي واقعي به ساراھ جوڳا آهن. هن نه رڳو ناول جي روح کي سمجهيو آهي پر پنهنجي روح اندر اوتي هڪ تخليق کي ٻيهر تخليقيو آهي بلڪل پنهنجي نج سنڌي انداز سان!
مون هي ناول اڙدوءَ جي ڪنهن ڊائجسٽ ۾ قسط وار پڙهيو هو. امرتا نالو ئي اهڙو هو بلڪل جيئن هڪڙو مُصور ڪنهن ڪينواس تي اُبتيون سُبتيون لڪيرون ڪڍي ته ڪا شاهڪار پينٽنگ بڻجي پوي تيئن ئي امرتا جهڙي مضبُوط حواسن واري ليکڪا ڪا سِٽ لکي ته اها شاهڪار نثر يا نظم جو انگ ڳڻجڻ لڳي. مونکي ياد نه آهي ته اڙدو قسط وار ناول پڙهڻ کان پوءِ منهنجو پهريون تاثر ڪهڙو هو يا پنبڙيون ڀنِيُون به هيون يا نه! پر هي سِنڌايل ناول پڙهندي شروع ۾ ته نارمل انداز ۾ لطف اندوز ٿيندي اڳتي وڌندو رهيس . ۽ صفحي سٺ کا ٻاهٺ نه رڳو ساھ مُٺِ ۾ ڪري ڇڏيو پر پنبڙيون ڀڄائڻ سان گڏ سُڏڪو ڀرائيندي قميص جو ڪالر پڻ پُسائي ڇڏيو!! هي صفحا بار بار پڙهي جڳديش ۽ رنجُوءَ جي پيڙا کي اندر ۾ اوتيندو رهيسُ. توڻي جو ناول جو نائڪ ڊاڪٽر ديو ۽ نائڪا ممتا آهي سندن پيڙا، قرباني ۽ ڏُکُ به ڏُکن جهڙو آهي پر جيڪا ڀوڳنا جگديش ۽ رنجوءَ سٺي آهي ۽ جنهن طرح سان ان کي شبدن جو روپ پهرايو ويو آهي يا کڻي ڪري جنهن طرح سان مون ان کي محسوس ڪيو يا اندر ۾ اوتيو آهي اهو هنيانءَ ڦاڙڻ لاءِ ڪافي آهي!
ناول جي مُکُ ڪهاڻي ممتا ۽ ڊاڪٽر ديو جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ الهڙ نينگريءَ جو پاڻ کان گهٽ حيثيت واري ڊاڪٽري پڙهندڙ نوجوان ديو سان پيار جو پيچُ اڙجي وڃي ٿو ۽ الهڙپڻ واري هن عمر ۾ پرڻي بنا ئي ناري مٽر ميڙي ٿي وجهي! جيڪا ڳالھه ناريءَ جا امير مائٽ قبولڻ لاءِ تيار نه ٿا ٿين ته هو پاڻ کان گهٽ حيثيت واري خاندان ۾ سندن نياڻيءَ کي پرڻائن. ناول جي نائڪا کين ڪنهن به طريقي سان ريجهائي نه سگهي ته سندس پرڻو ديو سان ئي ڪرايو وڃي پر هو سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي دنيا ۾ اچڻ جو موقعو ضرور ڏين ٿا. اسپتال ۾ناري پير لهي ٿي جتان ڪنهن به طريقي سان ڊاڪٽر ديو نئين ڄاول ٻار کي حاصل ڪري ٿو ۽ پنهنجي هڪڙي ويجهي دوست، جيڪو پڻ اولاد جو سڪايل هو، جي حوالي ڪري ٿو ۽ ائين ئي ديو ۽ ممتا جي نشاني ديو جي اکين اڳيان وڌي ويجهي ٿي. جتي بعد ۾ ٻيون ڪهاڻيون ڄمي پون ٿيون ۽ سمورين ڪهاڻين جا ڇيڙا نهايت ئي قابليت سان مُکُ ڪهاڻيءَ سان جوڙيا ويا آهن، جيڪا ئي هڪ ڪامياب ناول جي وصف آهي. ممتا جي شادي زوريءَ هڪ امير نوجوان جڳديش سان ڪرائي وڃي ٿي جيڪو پرڻي کان پوءِ کيس پُوڄڻ جي حد تائين پيار ڪري ٿو. شاديءَ کان ترت پوءِ هوءَ وري مٽر ميڙي ٿي ۽ کيس هڪ نياڻي پيدا ٿئي ٿي جنهن کان پوءِ هوءَ پنهنجي پهريٺي پٽ جي وڃائجڻ کي ياد ڪندي نفسياتي مُونجهارن جو شڪار ٿئي ٿي ۽ انهن مونجهارن دوران ئي پنهنجي ور کي پنهنجي محبت جو داستان ۽ پهريٺي پٽ بابت ٻڌائي ٿي. جڳديش نهايت ئي سُلجهيل ۽ پيار ڪندڙ انسان طور اُڀري ٿو پر ممتا جي نفسياتي مُونجھه توڙي پنهنجي پهريٺي پٽ ڏانهن موھ ۽ سندس نئين ڄاول نياڻيءَ جي آئيندي کيس پريشان ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب ممتا جڳديش کي ڇڏي هلي وڃي ٿي. ٻئي طرف ڊاڪٽر ديو پنهنجي هڪ محسن ڊاڪٽر سان ويجهو ٿئي ٿو جنهن جي نياڻي، راجڪماري، ڊاڪٽر ديو مٿان اڪن شڪن ٿئي ٿي ۽ ڊاڪٽر ديو کيس پنهنجي پريم ڪٿا ٻڌائي ٿو. ڪهاڻي ڊرامائي انداز اختيار ڪري ٿي، راجڪماري جو پرڻو ٿي وڃي ٿو کيس نياڻي ڄمي ٿي جيڪا ديو جي پٽ سان پريم جو پيچ اٽڪائي ويهي ٿي، ٻئي طرف جڳديش سان حادثو ٿئي ٿو ۽ ٻئي ڄنگهون وڃائي ويهي ٿو ان کان اڳ جڳديش جي شادي ٿئي ٿي جنهن مان ڪا ٻي اولاد ڪونه ٿي ٿئيس ۽ سندس وني کيس ڇڏي هلي ٿي وڃي. مجبوري ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ کيس ممتا ڏاڍو ياد اچي ٿي جيڪا بعد ۾ ٻيهر جڳديش ۽ پنهنجي نياڻيءَ سان اچي رهي ٿي ۽ ورهاڱو ٿي ٿو وڃي جنهن ۾ جڳديش مارجي ٿو وڃي ممتا نياڻيءَ سميت لاهور ڇڏي دهلي وسائي ٿي جتي ديو ۽ ممتا جي پُٽ جي ممتا ۽ جڳديش جي نياڻيءَ سان ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي. جنهن کان پوءِ ديو ۽ ممتا جو پٽ علاج بهاني پنهنجي ماءُ پيءُ کي ملائي ٿو ۽ فلمي انداز ۾ ممتا دنيا ڇڏي وڃي ٿي.
جيتوڻيڪ ناول جو پلاٽ عام رواجي ۽ ڪيترائي ڀيرا ورجايل آهي پر امرتا پريتم جهڙي ليکڪا جي قلم ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو چسُ، پيڙا ۽ اُتساھ پيدا ڪيو آهي ۽ ان ساڳئي درد کي سندس مڪمل رُوح سميت سِنڌايو ويو آهي اها ناول کي باقي ساڳي نوعيت جهڙين ڪهاڻين توڙي ناولن کان الڳ ڪري بيهاري ٿو. ناول جي وچ واري حصي ۾ امرتا پنهنجي اصل روپ ۾ نروار ۽ نظر اچي ٿي. جن به امرتا جي ذاتي حياتيءَ بابت پڙهيو هوندو انهن کي امرتا ممتا جي ڪردار مان لياڪا پائيندي نظر ايندي.
ڊسمبر 16, 2024