اسڪول يونيفارم پاليسي ۾ نرمي، نوٽيفڪيشن جاري
لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سياري دوران اسڪول يونيفارم پاليسي ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان پنجاب جي تعليم کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
يونيفارم پاليسي ۾ نرمي جو فيصلو سڀني نجي ۽ سرڪاري اسڪولن تي فوري طور لاڳو ٿيندو، جنهن تحت شاگرد ڪنهن به رنگ جي جيڪيٽ، سوئيٽر، ڪوٽ، جورابا ۽ جوتا پائي سگهن ٿا.
نوٽيفڪيشن موجب يونيفارم پاليسي 28 فيبروري 2025 تائين لاڳو هوندي، يونيفارم پاليسي ۾ نرمي شاگردن کي سيءَ کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪئي وئي آهي.