کنڊ جي اگهه ۾ وڏي واڌ
لاهور (ويب ڊيسڪ) کنڊ جي اگهه ۾ واڌ نه ٿيڻ جون حڪومتي دعوائون ڌوڙ ٿي ويون، وفاقي ڳڻپ کاتي کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻن هفتن دوران کنڊ 10 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي آهي.
انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ کنڊ 145 رپيا في ڪلو، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ملتان، پشاور ۽ خضدار ۾ 145 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گوجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ بنون ۾ کنڊ 135 رپيا، حيدرآباد، سرگوڌا، بهاولپور، لاڙڪاڻي ۽ ڪوئيٽا ۾ 130 رپيا، جڏهن ته سکر ۾ 128 رپيا ڪلو ملي رهي آهي.