خليل حقاني جو قتل ۽ ڪابل جا پاڙيسرين تي الزام
مبصر
10 ڊسمبر تي افغان ڪابينا جو سينيئر ميمبر ۽ طالبان جو اهم اڳواڻ خليل الرحمان حقاني ڪابل ۾ آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويو. حملي جي ذميواري دولت اسلاميھ (داعش) جي مقامي شاخ ”داعش خراسان“ قبولي آھي. خليل حقاني سراج الدين حقاني جو چاچو هو، جيڪو افغان طالبان جو نائب سربراهه ۽ گهرو وزير هو. ھن جي گرفتاري تي آمريڪي حڪومت 5 ملين ڊالر انعام جو اعلان ڪيو هو.افغانستان ۾ هينئر تائين داعش خراسان جي حملي ۾ مارجي ويندڙن م ھي اھم اڳواڻ آهي.
خليل حقاني کي اربع ڏينھن 2 وڳي ڪابل ۾ھڪ اجلاس مان پنھنجي دفتر ايندي نشانو بڻايو ويو. هڪ اکين ڏٺي شاهد بي بي سي،کي ٻڌايو ته خليل حقاني ڪار مان ٻاهر نڪري، ماڻهن سان ملي رھيو ھو تھ اتي بيٺل خودڪش بمبار مدد لاءِ درخواست ڏيندڙ جي روپ ۾ کيس سڏ ڪيو ۽ پوءِ درخواست تي دستخط ڪرائڻ لاءِ ھن ڏانھن وڌيو ان دوران هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو.طالبان اهلڪارن ميڊيا جي پاران جاري تصوير ۾مبينا خودڪش بمبار جي واقعي کان اڳ جون سرگرميون ڏسڻ اچي رھيون آهن. فوٽيج ۽ طالبان اهلڪارن جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته مبينا آپگهاتي بمبار خليل حقاني کي ظهر جي نماز دوران نشانو بڻائڻ جي رٿ رٿي ھئي. پر ظهر جي نماز دوران سندس موجود نه هئڻ ڪري هو پناهگيرن واري وزارت جي دروازي تي پهتو. درخواست ڏيندڙن سان گڏ ھن جي انتظار ۾ بيٺو رھيو.
هن سي سي ٽي وي فوٽيج موجب مبينا حملو ڪندڙ 30 سالن کن جو آھي.هن جي هٿ تي فريڪچر سبب هڪ مضبوط پلاسٽر ٻڌل آھي.جنھن ۾ لوھي راڊ بابت ٻڌائيندي ھو سيڪيورٽي گارڊن جي جي چڪاس مان نڪري وڃي ٿو. مسجد جي اندران مليل سي سي ٽي وي فوٽيج موجب هو نماز دوران پهرين قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿو پر خليل حقاني جي اتي نھ ملڻ بعد ھو ٻاھر اچي انتظار ڪري ٿو.افغان طالبان جي نائب وزيراعظم مولوي عبدالغني بردار جي ويجهي ساٿي عبدالله عزام موجب واقعي واري ڏينهن خليل حقاني اقتصادي ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جيڪو وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. مولوي بردار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. وزيراعظم هائوس جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان ان ملاقات جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ خليل حقاني ملاقات دوران مولوي برادر جي ڀرسان ويٺل نظر اچي رهيو آهي.ملاقات کانپوءِ خليل حقاني اتي ظهر جي نماز ادا ڪئي ۽ پنهنجي وزارت ڏانهن روانو ٿيو. 2001 ۾ افغانستان تي آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي حملي ۾ طالبان ۾ حقاني خاندان جو ڪردارجنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ نمايان ٿيو. جلال الدين حقاني اتر وزيرستان مان آمريڪي ۽ اتحادي فوجن خلاف حملا شروع ڪيا پر سندس وفاداري طالبان جي باني اڳواڻ ملا محمد عمر سان رهي. 2007 ۾ افغانستان ۾ طالبان جي حملن جي عروج دوران، جلال الدين حقاني پنهنجي گروپ جي قيادت پنهنجي پٽ سراج الدين حقاني جي حوالي ڪئي، جيڪو جلد ئي افغان طالبان جو هڪ اهم اڳواڻ بڻجي ويو. ڏکڻ وزيرستان جي صحافي احسان ٽيپو محسود موجب 2007 ۾ جلال الدين حقاني جي بيماري کانپوءِ سراج الدين حقاني افغان طالبان ۾ پنهنجي پيءُ جي جاءِ سنڀالي ۽ جڏهن هن افغانستان ۾ آمريڪي ۽ اتحادي فوجن خلاف حملن جي اڳواڻي شروع ڪئي ته خليل حقاني کي خاندان جو سربراهه بڻايو ويو.
18 سيپٽمبر 2021 کان داعش طالبان حڪومت خلاف حملا شروع ڪيا.ڊسمبر 2021 جي آخر تائين داعش 121 حملا ڪيا. 2022 ۾ ان تنظيم 171 هو، ۽ 2023 ۽ 2024 ۾ ترتيبوار 11 ۽ 14 حملا ڪيا. ان ھوندي ماهرن موجب داعش طالبان لاءِ هڪ خطرو آهي ۽ خليل حقاني جهڙي اهم اڳواڻ کي ماري وجھڻ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي. ٻئي طرف طالبان اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته سندن سيڪيورٽي ڪاررواين سبب داعش افغانستان مان فرار ٿي۽ پاڙيسري ملڪن ۾ پنهنجا اڏا ٺاهيا آهن جتان هو افغانستان ۾ حملا ڪندا آهن.ياد رهي ته پاڪستان بار بار اهڙن سمورن الزامن کي رد ڪري چڪو آهي ۽ دعويٰ ڪندو رهيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جون پاڙون افغانستان ۾ آهن. پاڪستان افغانستان ۾ طالبان اختيارين کان باضابطا مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني وڃي، جڏهن ته پاڪستاني اختيارين ان حوالي سان ڪيترائي ثبوت پڻ فراهم ڪري ڇڏيا آهن.
ڊسمبر 15, 2024