آءِ پي ايل دوران ڪوهلي ۽ نوين جي ڦڏي تي گمڀير نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي
نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ پي ايل جي ٽيم لکنئو سپر جائنٽس جي مينٽور گوتم گمڀير اسٽيڊيم ۾ ميچ دوران رائل چئلينجر بئنگلور جي رانديگر ويرات ڪوهلي سان جهڙي تي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
پهرين مئي تي ميچ دوران لکنئو سپر جائنٽس جي افغان ڪرڪيٽر نوين الحق ۽ گوتم گمڀير، ويرات ڪوهلي سان سخت ڏند چڪ ڏنا هئا، جنهن بعد ساٿي رانديگرن وچ ۾ پئي جهيڙي کي ٽارڻو پيو هو.
هاڻي گوتم گمڀير آءِ پي ايل جي خاتمي جي ڪيئي ڏينهن بعد هڪ پروگرام ۾ ان معاملي تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
گوتم گمڀير چيو ته مون کي نٿو لڳي ته ان معاملي تي منهنجي طرفان ڪنهن قسم جي وضاحت جي ضرورت آهي، ماضي ۾ به ڪيئي ڪرڪيٽرن سان ميدان ۾ جهيڙا ٿيا آهن پر مون سدائين ان جهيڙي کي فيلڊ تائين محدود رکيو.
هن چيو ته ٻن ماڻهن جي وچ ۾ جهيڙي دوران ٿيندڙ تلخ ڪلامي کي رڳو گرائونڊ تائين محدود رهڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهن چيوته اهو ٽي آر پي لاءِ هو پر ائين نه آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ گمڀير چيو ته نوين جي پٺڀرائي انڪري ڪئي جو هو حق تي هو، مون کي محسوس ٿيو ته نوين ڪجهه غلط ناهي ڪيو تنهنڪري اهو منهنجو فرض هو ته ساڻس گڏ بيهان، اهو مان آخري ساهه تائين ڪندس، اتي نوين جي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها ته تڏهن به مان ائين ئي ڪيان ها.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته مان انهن ماڻهن مان نه آهيان ته هي ڪرڪيٽر اسان جو آهي هي اوهان جو آهي، سدائين سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ڏيندو رهندس.
جُون 14, 2023