پوليو جي مرض کي ملڪ جي سرحدن مان ٻاهر ڪڍي ساهه پٽينداسين: وزيراعظم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي مرض کي پاڪستان جي سرحدن مان هميشه لاءِ ٻاهر ڪڍي ساهه پٽينداسين.
وزيراعظم شهباز شريف اڄ مقامي هوٽل ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئاري ٽن ڏينهن جي پوليو روڪ مهم جي شروعات ڪئي، اها مهم 16 کان 19 ڊسمبر تائين جاري رهندي.
وزيراعظم پوليو خلاف جنگ ۾ مدد ڪرڻ تي بل گيٽس فائونڊيشن، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان جيڪا پوليو خلاف جنگ شروع ڪئي آهي، ان ۾ اهي اسان جي مڪمل مدد ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جا 60 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، جيڪو هڪ وڏو چيلنج آهن، اسان صوبائي حڪومتن سان گڏجي پوليو خلاف جنگ کٽينداسين، اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته پوليو جي مرض کي پاڪستان جي سرحدن مان هميشه لاءِ ٻاهر ڪڍي ڇڏيون.
وزيراعظم والدين کان اپيل ڪئي ته اهي پوليو خلاف مهم ۾ سهڪار ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي ڦڙا پيئارين.