”سول نافرماني جو معاملو اڃا واضح ناهي، عمران خان جي هدايتن تي عمل ڪنداسين“
پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته سول نافرماني جي تحريڪ جو فيصلو پي ٽي آءِ باني عمران خان جو آهي، ان بابت جيڪو فيصلو ٿيندو، ان تي مڪمل طور تي عمل ڪنداسين.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهايندي علي امين گنڊاپور چيو ته وفاق ۾ اسان جي حڪومت ناهي، جنهن سبب اسان مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، وفاق کان پئسو حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون آهن پر اسان وٺي رهنداسين.
هن چيو ته خيبر پختونخواه ۾ ڪم ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري اسان جو روينيو وڌي رهيو آهي، ماڻهن جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن، آءِ ايم ايف پروگرام تحت سڀ کان بهترين ڪارڪردگي خيبر پختونخواهه جي آهي، صوبائي حڪومت امن امان بهتر ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، دهشتگردي کي به ڪنٽرول ڪري وٺنداسين، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فورسز قربانيون ڏئي رهي آهي
هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جڏهن به ڪا تحريڪ هلندي آهي ته خيبر پختونخواهه فرنٽ لائن تي هوندو آهي، سول نافرماني جو اعلان مون نه پي ٽي آءِ باني ڪيو آهي، تحريڪ بابت باني جيڪو فيصلو ڪندو ان تي عمل ڪنداسين پر في الحال سول نافرماني جو معاملو واضح ناهي، جڏهن واضح هدايتون ملنديون ته ڏسنداسين، اڃا تائين اهو واضح ناهي ته سول نافرماني جي تحريڪ ڪيئن هلندي، ڪيترا مرحلا هوندا ۽ ان جي شروعات ڪيئن ٿيندي.