صنم پروين بروهي سان انصاف ٿيڻ گهرجي

Spread the love

ثوبيا کوسو

ڪنهن به انسان سان ڪو به مسئلو ٿيندو آهي ته اهو پاڪستان جي قانون مطابق سڀ کان پهرين پوليس وٽ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ويندو آهي، ۽ پوءِ اڳتي ڪارروائي شروع ٿيندي آهي، ڪجهه وقت اڳ جڏهن حڪومت طرفان هر ضلعي جي پوليس هيڊڪواٽر ۾  وومين پروٽيڪشن سيل قائم ڪيو ويو هو تڏهن ماڻهن خاص ڪري عورتن طرفان خوشي جو اظهار ڪيو ويو هو ته هاڻي اسان عورتن جا سڀ مسئلا حل ٿيندا ۽ وومين سيل ۾ به عورت ئي ويٺل هوندي جنهن سان اسين فرياد کڻي ويندڙ عورتون مڪمل تفصيل سان ڳالهائينديونسين، ۽ ائين ٿيو به ، وومين پروٽيڪشن سيل ۾ هڪ ليڊيز پوليس ڪانسٽيبل يا ان کان وڌيڪ رينڪ واري عورت کي ويهاريو ويو، ڪافي ڪيس حل به ٿيا، پر اچانڪ ڪجهه ڏينهن اڳ قمبر.شهدادڪوٽ جي وومين پروٽيڪشن سيل انچارج ادي صنم  پروين بروهي جو وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳو جنهن ۾ اها احتجاج ڪندي شيٽ برانچ ۾ مقرر او سي آءِ انسپيڪٽر رياض سومري ۽ هيڊ ڪلارڪ سڪندر علي لاشاري خلاف دانهي رهي هئي ته هو مونکي جنسي لاڳاپا رکڻ، يا کڻي چئجي ته جنسي حراسمنٽ ڪري رهيا آهن، اهو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ مير روحل کوسو نوٽس وٺندي رياض سومري ۽ سڪندر لاشاري کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو ۽ ٽن ڏينهن اندر انڪوائري ڪري مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پر هتي ڪافي سوال جنم وٺن ٿا ته پوليس جهڙي ڊپارٽمنٽ ۾ به پوليس سان ئي لاڳاپيل عورتن جون عزتون محفوظ نه هجن ته ٻين عام عورتن جون عزتون ڪيئن ۽ ڪٿي محفوظ هونديون، اها ته ادي صنم بروهي هئي جنهن انهن جنسي بگهڙن خلاف آواز بلند ڪيو پر پوليس ۾ ڪافي اهڙيون به ڇوڪريون هونديون جيڪي رياض سومرو ۽ سڪندر لاشاري جهڙن ذهن رکندڙن جي ور چڙهي انهن جي بليڪ ميلينگ ۾ اچي پنهنجون عزتون وڃائي ويٺيون هونديون، ۽ پنهنجي سماج جي خوف کان انهيءِ ظلم خلاف آواز بلند به نه ڪري سگهيون هونديون، جيئن ڪجهه عرصو پهرين هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر سان زبردستي ڪئي وئي ۽ هن پاڻ تي ٿيندڙ انهيءِ ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ته ان جي مڙس ئي ان کي طلاق ڏيئي ڇڏي،عزت وڃائڻ وارن خلاف قانوني ويڙهه وڙهندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر کي ان جو گهر وارو ساٿ ڏي ها، ڇو جو ان ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر جو ته ڪو ڏوهه ئي نه هو ان سان ته زبردستي ڪئي وئي هئي پر ان جي مڙس ان جو ساٿ نه ڏنو، ۽ ايئن ئي مڙسن، ڀائرن، والدين طرفان ساٿ نه ڏيڻ جي خوف مان ئي ڪافي عورتون عزت وڃائڻ کانپوءِ به خاموش ئي رهنديون آهن ۽ اهو سوچينديون آهن ته اسان جيڪڏهن ڳالهه ڪئي ته اسانکي گهروارا ئي ماري ڇڏيندا.

آئون هتي انهن مردن کي اهو چوڻ چاهينديس ته جيڪڏهن اوهان جي ڪنهن ڀيڻ، گهرواري، ماءُ وغيره  جي عزت سان ڪير زبردستي کيڏي ٿو ۽ اها اوهان کي ٻڌائي ٿي ته اوهان کي ان کي بروڀلو چوڻ بجاءِ ان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي،ته جيئن سماج ۾ موجود انهن رهزن جنسي بگهڙن کي سزا اچي سگهي ۽ ٻين عورتن جون عزتون محفوظ بڻجي سگهن ، پر اوهان ائين نٿا ڪيو ته اوهان جون اهي مائرون ، ڀينرون هڪ دفعو نه پر مسلسل جنسي بگهڙن هٿان بليڪ ميل ٿينديون رهنديون آهن، ڇو جو عورتن جي ماٺ جو فائدو انهن بليڪ ميلرن هوس جي پڄارين کي ٿيندو آهي، پوليس سميت ڪو به اهڙو کاتو ناهي جتي جنسي بگهڙ ويٺل نه هجن، ڪجهه اڳ ٽنڊومحمد خان ۾ علاج لاءِ آيل نوجوان عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي، ۽ دادو جي سول اسپتال ۾ او ٽي ٽيڪنيشن منصور ڀٽي خلاف به شاگردياڻيءَ دانهيو ته هو مسلسل ٽن سالن کان ان کي هوس جو نشانو بڻايو پيو وڃي، سموري سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن ڪڏهن يونيورسٽين ۾ ته ڪڏهن اسپتالن ۾.

پر ڪافي جڳهن تي ائين به ٿيو آهي هي معاشرو انهن عورتن جو  ساٿ ڏيڻ بجاءِ انهن جي رسوائي جو سبب بڻجي ويندو آهي، ۽ معاشري جا گهٽيا ذهن جنهن عورت سان زنا ٿئي يا زنا نه به ٿئي صرف حراسمنٽ ٿئي ته به اهي اهڙيون ته ڳالهيون ۽ عمل ڪندا آهن ته جو انهن عورتن جا ڪنڌ شرم مان جهڪي ويندا آهن، هن جديد دور ۾ اسان جو سماج انهي دنگ تي اچي بيٺو آهي جو ڪنهن عورت يا معصوم نياڻي سان زبردستي زنا جي وڊيو ايندي آهي ته هر ماڻهو ان کي شيئر ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي ۽ انهن جي ان عمل ۾ اسان جا ادارا به شريڪ آهن جيڪي هڪ عورت جي دانهن تي ايڪشن ناهن وٺندا پر وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ هڪدم نوٽس ورتو ويندو آهي.

آئون ادي صنم بروهي جي ڳالهه ڪنديس ته ان اهڙن گهٽيا سوچ رکندڙن کي وائکو ڪري هڪ زبردست عمل ڪيو آهي ۽ ٿيڻ به ائين ئي گهرجي پر مونکي هڪ ڳالهه جي حيرت ٿي ته صدف بروهي کي جنسي حراسمنٽ ڪندڙن کي صرف سسپينڊ ڪيو ويو، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته انهن کي تيستائين لاڪپ ڪيو وڃي ها جيستائين انڪوائري رپورٽ نٿي اچي ۽ ايس ايس پي مير روحل کوسو کي اها به ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهن جنسي بگهڙن خلاف ٿيندڙ انڪوائري تي ڪو اثر انداز  ٿئي يا انهن کي بچائڻ لاءِ انهن جي ونگار نه وهي، جيئن دادو جي سول اسپتال ۾ ٿيو پوري پيراميڊيڪل اسٽاف گواهي ڏني ته نه اهو او ٽي ٽيڪنيشن اهڙو ڪم نٿو ڪري سگهي ۽ جيئن ليڊي هيلٿ ورڪر سان ٿيندڙ زبردستي زنا تي ڪافي ماڻهن انهن کي بچائڻ لاءِ اهو چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪر ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، پر جڏهن ميڊيڪل رپورٽ آئي ته انهيءِ ۾ اهو ظاهر ٿيو ته واقعي ان ليڊي هيلٿ ورڪر سان زنا ٿيو آهي، ائين ئي انڪوائري ڪندڙ ڪو آفيسر انهن جي ونگار به وهي سگهي ٿو.

رياض  ۽ سڪندر جهڙا ماڻهو پوري پوليس ڊپارٽمنٽ تي ڪاري داغ مثل آهن ۽ اڇي ڪپڙي تي ڪارو داغ تمام گهڻو نمايان هوندو آهي، آءِ جي سنڌ خاص ڪري ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي انهيءِ معاملي کي سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي ڇو جو جيڪڏهن اڄ پوليس سان تعلق رکندڙ وومين ڪمپلين سيل جي انچارج سان انصاف نه ٿيو ته پوءِ عام عورتن سان ڪيئن انصاف ٿيندو؟ ٻهراڙي ۾ رهندڙ ڇوڪرين جا والدين ڏاڍو خوش ٿيندا آهن ته اسان جي ڇوڪري جا نصيب کليا آهن جو هوءَ پوليس ۾ ڀرتي ٿي آهي ۽ ڪافي والدين  ائين به  چوندا آهن ته اسين پنهنجي ڌيءِ کي پڙهائي پوليس ۾ ڀرتي ڪرائينداسين، پر جيڪڏهن پوليس ۾ عورتن سان اهڙا واقعا ٿيندا رهيا ته پوءِ ڪهڙو والدين چاهيندو ته اسان جي نياڻي پوليس جوائن ڪري ؟

آئون هڪ دفعو وري اهو چونديس ته صنم پروين بروهي سان ضرور انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي حراسمنٽ ڪندڙن کي سخت سزا اچڻ گهرجي ته جيئن اڳتي پوليس ۾ موجود ڪو به آفيسر ڪنهن به نياڻي ڏي اک کڻي ڏسڻ کان اڳ صنم بروهي سان حراسمنٽ ڪرڻ وارن جي  انجام جو ضرور ڏسي.

ڊسمبر 14, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو