سامونڊي طوفان بعد مُلڪ هڪ ٻي قدرتي آفت جو خدشو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سامونڊي طوفان بعد هڪ ٻي قدرتي آفت پاڪستان کي متاثر ڪري سگهي ٿي.
موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته سامونڊي طوفان بائپر جواءِ بعد مُلڪ ۾ هيٽ ويو جو امڪان آهي، جنهن سبب مُلڪ جي مختلف علائقن ۾ گرمي پد ۾ غيرمعوملي واڌ ايندي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته سڀاڻي يارنهن وڳي سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيندو تنهنڪري ماڻهن کي اپيل آهي ته عوام انتظاميا سان سهڪار ڪري، پيٽروليگ ريلف ۽ ريسڪيو لاءِ سمورا ادارا متحرڪ آهن ۽ 66 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.
وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته طوفان سبب اڄ ننڍن جهازن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ طوفان جي ويجهو پهچندي ئي ڪمرشل فلائٽس کي به روڪيو ويندو.
هن اپيل ڪئي ته ماڻهو سامونڊي پٽي وارن علائقن طرف طوفان ڏسڻ لاءِ وڃي رهيا آهن، مهرباني ڪري هي ڊيزاسٽر ٽورازم بند ڪريو.
سندس چوڻ هو ته مهرباني ڪري عوام ٽِڪ ٽاڪ ٺاهڻ لاءِ سامونڊي علائقن ڏانهن نه وڃن، بار بار شڪايتون ملي رهيون آهن، عوام کي هر هر روڪي رهيا آهيون.
