فيض حميد جي شاهدي ۾ بدقسمتي سان پهريون نالو پي ٽي آءِ باني جو آهي“

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته سزائن جو سلسلو جيڪو هاڻي شروع ٿيندو، اهو ختم ٿيڻ جو نالو نه وٺندو، فيض حميد جيڪا شاهدي ڏني، بدقسمتي سان پهريون نالو باني پي ٽي آءِ جو آهي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ جي ملٽري ڪورٽن بابت فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ مان جيڪو حڪم آيو، امڪاني طور اهو ئي اچڻو هو، ان ۾ ڪا حيران ٿيڻ جي ڳالهه ناهي، ملٽري ڪورٽن ۾ ڪنهن به ٽرائل جو هجڻ اعتراض جوڳو ناهي، سپريم ڪورٽ 85 ماڻهن جي ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
هن چيو ته 9 مئي جو واقعو رياست ۽ ملڪ خلاف هو، ماڻهن ان معاملي کي مذاق بڻائي ڇڏيو هو، هاڻي سزائن جو جيڪو سلسلو شروع ٿيندو ته اهو ختم ٿيڻ جو نالو نه وٺندو.
سندس چوڻ هو ته فيض حميد سميت جوابدارن جو ٽرائل هڪ ئي هنڌ ٿيندو، فيض حميد جيڪا شاهدي ڏني، بدقسمتي سان پهريون نالو باني پي ٽي آءِ جو آهي، گڏوگڏ بشريٰ بي بي جي به ڏکيائيون به وڌي ويون آهن، ماڻهن جي هڪ ڊگھي فهرست آهي.
فيصل واوڊا چيو ته ملٽري ڪورٽن مان جوابدارن جو ٽرائل شروع ٿيندو ۽ سزائون به ملنديون، ڇو ته ڀڃ ڊاهه سان ملڪ کي نقصان پهتو ۽ دنيا ۾ تماشو بڻيو.

ڊسمبر 14, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو