”رڳو هڪ لک 60 هزار رپيا“ سينيٽرن پگهار گهٽ هجڻ جي شڪايت ڪري ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقليتي سينيٽر دنيش ڪمار هڪ لک 60 هزار رپيا پگهار کي گذاري لائق نه قرار ڏيندي پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار گهٽ هجڻ جي شڪايت ڪري ڇڏي.
سينيٽ جو اجلاس پريزائڊنگ آفيسر سينيٽر عرفان صديقي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اقليتي سينيٽر دنيش ڪمار پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار گهٽ هجڻ جي شڪايت ڪندي چيو ته قانون ٺاهڻ وارن جي پگهار رڳو هڪ لک 60 هزار رپيا آهي.
هن چيو ته نادرا چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين ۽ آفيسرن جون پگهارون لکن ۾ آهن، جاچ ٿيڻ گهرجي ته سوالن جوابن ۾ نادرا آفيسرن جون پگهارون ڇو لڪايون ويون.
هن موقعي تي پريزائيڊنگ آفيسر عرفان صديقي چيو ته ايوان ۾ ڪنهن سوال جو اڻ پورو جواب نه ڏنو وڃي.
سوالن جي وقفي ۾ قانون وزير قانون اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته پارليامينٽيرينز کي هڪ لک 56 هزار رپيا پگهار ملندي آهي،

8 هزارن جي لڳ ڀڳ يوٽيليٽي بلز ملندا آهن، جڏهن ته ڪا گاڏي ناهي ڏني ويندي، وفاقي وزيرن جي پگهار ٻه لک جي لڳ ڀڳ آهي، کين 400 ليٽر پيٽرول ملندو آهي، بجلي ۽ گيس جا بل وفاقي وزير پاڻ ڀريندا آهن، عوام ۾ غلط تاثر آهي ته اسان جون وڏيون پگهارون آهن.

ڊسمبر 14, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو