اردو ڪانفرنس ۾ رکيل هڪ سيشن ”پاڪستان ۾ ميڊيا جي تاريخ“جو احوال

Spread the love

مير ذوالفقار چانڊيو

آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ چئن ڏينھن جي سترھين عالمي اردو ڪانفرنس پنھنجي پڄاڻي تي پهتي ھِن ڪانفرنس جي ھڪ سيشن ,, پاڪستان ۾ ميڊيا جي تاريخ  جي حوالي سان ھڪ ڪلاڪ جو زبردست سيشن ٿيو جنھن ۾ ڊان نيوز جي بھترين ڪالم نگار ميزبان ابصا ڪومل سان مھمان اردو ميڊيا جا سينئر صحافي ڪالم نگار مظھر عباس، وصعت الله خان،سھيل وڙائچ ۽ عاصمه شيرازي، شامل ھئا جن پاڪستان ۾ ميڊيا جي حوالي سان زبردست معلومات ڏني جنھن کي  ھِن آرٽيڪل ذريعي پنھنجي پڙھندڙن لاءِ لِکي رھيو آھيان بھترين تجزيه نگار ۽ صحافي مظھر عباس چيو  ته پاڪستان ۾ ميڊيا جي تاريخ ايتري پراڻي آھي جيتري پاڪستان جي تاريخ پراڻي آھي پاڪستان جي ٺھڻ ۾ صحافين جو اھم ڪردار رھيو آھي ۽ صحافين جو رت شامل آھي جڏھن پاڪستان اندر اردو اخبار مساوات تي پابندي لڳي  ته ,, مساوات دبئي،، جي نالي سان اخبار نڪرندي ھئي جيڪا کير جي ڊرمن ۾ رکي ڪري وڪرو ڪئي ويندي ھئي اڄ کان چاليهھ سال اڳ ميڊيا جي ماڻھن کي کنڀيو ويندو ھو ۽ ھاڻي لاپتا ڪيا ويندا آھن. ماضي ۾ صحافين کان قلم برآمد ٿيندا ھئا پر افسوس  ته اڄ ڪلهه انھن کان آئس ,, نشو ،، برآمد ٿي رھيو آھي ، سينئر صحافي وسعت  الله خان چيو  ته ايوب خان جو دؤر ھو ان جو تجربو نئون ھو ۽ اسان صحافين جو تجربو نئون ھو پوءِ به لڪي ڪري صحافت ڪندا رھندا ھئاسين، اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ صحافين جون ڳڻپ کان گھڻيون تنظيمون ٿي ويون آھن. مون کي پاڻ کي خبر ناھي  ته آئون ڪھڙي تنظيم جو حصو آھيان پر ڪجهه تنظيمن جو حصو ضرور آھيان. اڄ ڪلهه جي ايڊيٽرن کي اخبار يا چينل جي ڪا ضرورت ناھي انھن کي پنھنجي اصل ڪاروبار جي ضرورت آھي، اخبار يا چينل انھن جي ڍال آھي، 40 سال پھرين ڪراچي پريس ڪلب جي پارڪنگ ۾ ھڪ يا ٻہ گاڏي مشڪل سان نظر ايندي ھئي اڄ ڪلهه اتي پارڪنگ ۾ گاڏي بيهارڻ جي جڳھه نٿي ملي وڏي تعداد ۾ صحافي وڌي رھيا آھن. جيڪو صحافت لاءِڳڻتي جوڳي آھي،

سينئر صحافي  اينڪر عاصمه شيرازي چيو  ته ماضي ۾ صحافت خالص ايماندار ھوندي ھئي پر افسوس  ته اڄ ڪلهه جي صحافت لائڪ ڪمينٽس شيئر ۽ سستي شُھرت جي محتاج بڻجي وئي آھي،پھرين صحافت آمريت کي منھن ڏيندي ھئي  ته اڄ ڪلهه فسطائيت کي منھن ڏئي رھي آھي،مون جڏھن 2002ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي ريفرينڊم ڏھاڙي پي ٽي وي لاءِ ڪوريج ڪندي خبر ڏني  ته ھتي ريفرينڊم ڏھاڙي پولنگون خالي آھن ووٽ ڏيڻ لاءِ ماڻھو  نه آھن  ته ڪال ڪٽجي وئي ۽ اڄ ڏينھن تائين پي ٽي وي سان رابطو ڪٽجي ويو وري ڪڏھن پي ٽي وي تي  نه اچي سگھيس اڄ ڪلهه جي صحافت ڪمپرومائيز جو شڪار بڻجي وئي آھي، جنھن جي ڪري ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو جي بنيادن تي صحافت ھلي رھي آھي، انٽرنيٽ کي بند ڪرڻ يا وي پي اين جي استعمال کي ختم ڪرڻ سان اظھار جي آزادي ۽ سچ چوڻ کي ختم نٿا ڪري سگھو جيتري نيٽ جي آزادي ھوندي ايتري وڌيڪ ترقي ٿي سگھي ٿي.

سينئر صحافي سھيل وڙائچ چيو  ته اڄ ڪلهه جي جنھن مشڪل حالتن ۾ پاڪستان آھي ان ۾ اسان سڀ صحافي وڏا مجرم آھيون قائد اعظم جي 11 آگسٽ 1947ع واري انقلابي تقرير کي ڪا به اخبار ڇاپي  نه سگھي ان وقت جا چيف ايڊيٽر ۽ ايڊيٽوريل پيج جا انچارج ڪٿي گم ٿي ويا ھئا، جڏھن ملڪ اندر جنرل ايوب خان جي مارشل لا لڳي بدقسمتيءَ سان ڪنھن به اخبار يا چينل ان جي مخالفت  نه ڪئي ٻئي ڏينھن سڀ ان جي حمايت ۾ لکي رھيا ھئا جنرل ضياءُ الحق جي 11 سالن واري مارشل لا دؤر جي ڪنھن به اخبار يا چينل مخالفت ڇو  نه ڪئي ؟ ملڪ سميت معاشري کي جنھن تباھي ۾ ڌڪيو ويو آھي ان ۾ اسان صحافي برابر جا ذميوار آھيون ۽ آئون پنھنجي ذميواري قبول ڪري رھيو آھيان ۽ اڄ جي صحافت ان وقت جي صحافت کان وڌيڪ بھتر آھي، ان ڪري اڄ ڪلهه جي حالتن ۾  اليڪٽرانڪ،پرنٽ ميڊيا،سوشل ميڊيا تي توھان کي ھر نقطهءَ نظر ملي ويندو آھي،جڏھن  ته ماضي ۾ توھان کي صرف ھڪ نقط نظر ملندو ھو جيڪو اسٽبلشمينٽ چاھيندي ھئي ماضيءَ ۾ ميڊيا اندر صرف ھڪ ساز،ميوزڪ، ۽ رنگ ٽون ھوندي ھئي اڄ ڪلهه  ته ڪيترائي ميوزڪ،رنگ ٽون، ۽ ساز اچي ويا آھن. جيڪا توھان جي دل چوي ٻڌي سگھو ٿا اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ پاڪستان جي حالتن کي معلوم ڪرڻ لاءِ توھان کي  نه بي بي سي لنڊن ٻڌڻ جي ضرورت آھي. نه وري وائس آف آمريڪا کي ٻڌڻ جي ضرورت آھي.پاڪستان جي حالتن کي معلوم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مختلف چينلن يا سوشل ميڊيا ذريعي حالات معلوم ڪري سگھو ٿا جڏھن آزاد ميڊيا  نه ھئي  ته ماڻھو بي بي سي لنڊن وائس آف آمريڪا ذريعي ملڪي حالتن جي باري ۾ خبر چار ٻڌندا ھئا اڄ ڪلهه جي حالتن ۾ توھان آساني سان خبر چار حاصل ڪري سگھو ٿا  ته ڊي چوڪ تي 278 لاش ڪيرايا ويا آھن يا ڏھ لاش مليا آھن. توھان چاھيو  ته اِن ميڊيا ذريعي معلوم ڪري سگھو ٿا  ته رٻڙ جون گوليون هليون آھن يا اصلي ھليون آھن. اسان جي روحاني ملڪا مرشدياڻي اتي بيٺي رھي يا نڪري ھلي وئي اِھو سڀ ڪجهه ان ميڊيا ذريعي معلوم ڪري سگھو ٿا بنيادي ڳالھه  ھي آھي  ته اڄ ڪلهه جي صحافت کي غلط ۽ برو  نه چيو وڃي ڇو  ته اسان پراڻي صحافت به ڏٺي آھي ۽ اڄ ڪلهه جي صحافت ڏسي رھيا آھيون جيتري قدر اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ صحافين تي حملا ڪيا وڃن ٿا يا انھن کي گاريون ڏنيون وڃن ٿيون ان جي مقابلي ۾ اڄ ڪلهه جي صحافت ڪجهه بھتر آھي، وسعت الله خان چيو  ته اڄ ڪلهه جي حالتن ۾ اسٽبلشمينٽ کي طالبانائيزيشن بلوچ علحدگي پسندن کان ايترو خطرو ناھي جيترو سوشل ميڊيا کان خوفزده آھن.50 سال اڳ جيڪڏھن سوشل ميڊيا ھجي ھا  ته حالات مختلف ھجن ھا جيڪڏھن 1979ع ۾ سوشل ميڊيا ھجي ھا  ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي  نه اچي ھا. مظھر عباس چيو  ته وڙھڻ وارا ڪالهھ به ھئا اڄ به آھن درٻاري ڪالهھ به ھئي اڄ به آھي .صرف درٻاري مٽجي ويا آھن جيڪي درٻاري اسان مان آھن. اڄ ڪلهه درٻار ۾ گھرائڻ جي ضرورت ناھي اسان پاڻ پھچي ويندا آھيون 1983ع واري تحريڪ ۾ سنڌ اندر جيڪا رتوڇاڻ ھلي رھي ھئي پنجاب جي ڏھ صحافي جيڪي سرڪاري وڏن عھدن تي ھئا انھن ملي ڪري بيان جاري ڪيو  ته اِھا خونريزي بند ٿيڻ گھرجي پوءِ انھن صحافين کي وقت جي سرڪار نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو ھو پر افسوس  ته اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ صحافت اندر وڏا عھدا حاصل ڪيا ويندا آھن.جڏھن ضياءُ الحق جي مارشلا لڳي 3 مھينن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪيو ويو  ته ان وقت جي ڪجهه سينئر معتبر صحافين جنھن جو تعلق ساڄي ڌر سان ھو جنھن ۾ مجيب الرحمان شامي، مصطفي صادق، محمد صلاح الدين،۽ الطاف حسين قريشي گڏجي مجيد نظامي وٽ ويا  ته جيڪڏھن ٽن مھينن کان پوءِ اليڪشن ٿي  ته پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪري ويندي ۽ ڀٽو واپس اچي ويندو پوءِ جنرل ضياءُ الحق سان لاھور ۾ ملاقات ڪري مشورو ڏنو  ته اليڪشن کي ملتوي ڪيو وڃي  ته ضياءُ الحق جواب ڏنو  ته  ”راءِ عام“  ڇا ٿي چاهي؟ صحافين جواب ڏنو  ته راءِ عام اسان ٺاھينداسين جيڪا ڪجهه  نه ڪري سگھندي سڀ کان وڌيڪ صحافي بلوچستان ۾ شھيد ڪيا ويندا آھن. ھڪ صحافي جڏھن خبر ٺاھيندو آھي  ته طالبانائيزيشن بلوچ علحدگي پسندن طرفان چيو ويندو آھي  ته خبر اسان جي فيور ۾ ھجي وري جيڪڏھن ايجنسين اسٽبلشمينٽ کي خبر پئي ٿي  ته اُھي چون ٿا  نه خبر اسان جي حق ۾ ھجي جيڪڏھن خبر شايع ٿئي  ته طالبانائيزيشن ھٿان صحافين کي ماريو وڃي ٿو جيڪڏھن خبر نٿي لڳي  ته پوءِ مختلف ايجنسين طرفان صحافين کي لاپتا ڪيو وڃي ٿو وڙھڻ وارا صحافي اڄ به موجود آھن پر افسوس  ته درٻاري صحافي اڄ به درٻار ۾ پيش ٿي جي سائين ڪري رھيا آھن.

عاصمه  شيرازي چيو  ته اڄ ڪلهه جي صحافين جا حالات بدلجي ويا آھن.جيڪي صحافت مان وڏو پئسو ڪمائي رھيا آھن. اڄ ڪلهه جي صحافين جون پگھارون به زبردست آھن.جيڪي لکڻين ذريعي وڏو پئسو ڪمائي رھيا آھن.اڄ ڪلهه جا صحافي لفافي ذريعي بدلجي ويا آھن. پر افسوس  ته ڪجهه صحافين کي غداريءَ جا لقب ڏنا وڃن مختلف طريقن سان انھن تي الزام ھڻي خوار خراب ڪيو وڃي ٿو ڇا اڄ جو صحافي پنھنجي مرضي مطابق صحافت نٿو ڪري سگھي؟ اڄ جو صحافي ڊڄندي ڊڄندي ٽوئيٽ ڪندو آهي  ته ڪٿي ماريو  نه وڃان کنڀجي  نه وڃان اڄ ڪلهه جي حالتن ۾ ڪوڙي خبر وڏو الميو آھي پر افسوس  ته ميڊيا مالڪان پنھنجي ادارن جي صحافين جو احتساب ڇو نٿا ڪن ڪوڙي خبر جي تفتيش ڇو نٿي ڪئي وڃي خد رياست فيڪ نيوز جي آڙ ۾ حقيقي ايماندار صحافين تي پابندي لڳائڻ واري آھي پر افسوس  ته انھن ڪوڙين خبرن جي ڪا جاچ پڙتال نٿي ڪرائي وڃي وڏن چينلن تي يا وڏين اخبارن ۾ ڪوڙي خبر گھٽ،  نه ھجڻ جي برابر ھوندي آھي، پر افسوس  ته اڄ ڪلهه غير رجسٽرڊ چينل يا اخبارن تان ڪوڙين خبرن ذريعي حقيقي صحافت کي نقصان پھچايو پيو وڃي صحافين جي ڪوڙي ۽ سچي خبر جي انڪوائري ٿيڻ گھرجي، انھن کان پڇا ڳاڇا ٿيندي رھي  ته ڪوڙي خبر ختم ٿي سگھي ٿي

ياد رھي اھڙي عالمي ڪانفرنس ۾ سنڌي ميڊيا توڙي سنڌي ماڻهن جو  نه ھجڻ ھڪ سواليه نشان آھي لڳاتار چار ڏينھن جي ڪانفرنس ۾ سنڌي ماڻھن جو تعداد  نه ھجڻ جي برابر ھو جيڪڏھن سنڌي ماڻھو پنھنجي پاڻ کي ڪراچي جو وارث سمجھن ٿا  ته انھن کي اھڙن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو جيئن ھر جڳھه تي سنڌي ماڻھن جي اڪثريت حاصل ٿيندي رھي

ڊسمبر 13, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو