سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي جوابدارن جا فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن کي جوابدارن جي ڪيسن جا فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، جتي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث پنهنجا دليل پيش ڪيا.
ٻڌڻي جي شروعات ۾ جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ان نڪتي تي دليل ڏيو ته ڇا آرمي ايڪٽ جا ڪالعدم قلم آئين موجب آهن، ڇا آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري هر فرد کي ان جي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو؟ ان پهلو کي پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي ته آرمي ايڪٽ 1973 جي آئين کان اڳ ٺهيو هو.
جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته پهريان ٻڌايو عدالتي فيصلي ۾ قلم ڪالعدم ڪرڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟ خواجا حارث جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ خاميون آهن.
جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته ڪالهه به چيو هو ته 9 مئي واقعن جا تفصيل فراهم ڪيو، في الحال اسان جي سامهون معاملو رڳو ڪور ڪمانڊر هائوس جو آهي، جيڪڏهن ڪيس رڳو ڪور ڪمانڊر هائوس تائين رکڻو آهي ته به آگاهه ڪري ڇڏيو، ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته سمورا تفصيل اڄ صبح ئي وصول ٿي چڪا آهن، تفصيل متفرق درخواست جي صورت ۾ جمع ڪرائيندس.
آئيني بينچ ۾ شامل جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته جن قلمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، انهن تحت ٿيندڙ ٽرائل جو ڇا ٿيندو؟ 9 مئي کان اڳ به ته ڪنهن کي انهن قلمن تحت سزا ٿي هوندي، بچاءَ واري وزارت جي وڪيل جواب ڏنو ته عام طور تي ڪالعدم ٿيڻ کان اڳ لاڳاپيل قلمن تي ٿيل فيصلن کي تحفظ هوندو آهي، جنهن تي جسٽس مسرت ريمارڪس ڏنا ته اها ته انهن جوابدارن سان تعصب رکڻ واري ڳالهه هوندي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فوج ۾ ڪو شخص زبردستي نه پر پنهنجي مرضي سان ويندو آهي، فوج ۾ شامل ٿيندڙ کي خبر هوندي آهي ته ان تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو ۽ آرمي ايڪٽ تحت بنيادي حق ناهن هوندا، آرمي ايڪٽ ٺاهيو ئي فوج جي ملازمت جي قاعدن ۽ ڊسيپلين لاءِ آهي، ان تي وڪيل خواجا حارث چيو ته فوج ۾ ڪو به ڏوهه ڪرڻ جي نيت سان نٿو وڃي، بنيادي حق رڳو ڏوهه ڪرڻ تي ئي ختم ٿيندا آهن.
جسٽس مندوخيل پڇيو ته ڇا اپيل ۾ سپريم ڪورٽ رڳو اپيل ڪندڙ جي استدعا تائين محدود رهندي؟ ڇا عدالت فيصلي جي ٻين پهلوئن جو پڻ جائزو وٺي سگهي ٿي؟ جڏهن ته جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته ڌريون پنهنجي عرض تائين محدود رهي سگهي ٿو عدالت نه.
سماعت جي پڄاڻي تي آئيني بينچ ڪيس ۾ اڄ جي سماعت جو آرڊر جاري ڪندي فوجي عدالتن کي 85 جوابدارن جا فيصلا ٻڌائڻي جي اجازت ڏئي ڇڏي.
آئيني بينچ چيو ته فوجي عدالتن جا فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ التويٰ هيٺ ڪيس جي فيصلي سان مشروط هوندا، جن جوابدارن کي سزائن ۾ رعايت ملي سگهي ٿي اها ڏئي آزاد ڪيا وڃن، جن جوابدارن کي آزاد نٿو ڪري سگهجي انهن کي سزا ٻڌائڻ جي جيلن ۾ منتقل ڪيو وڃي.
عدالت ملٽري ڪورٽس ڪيس جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.