سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ججن خلاف 30 شڪايتون رد، 5 تي تبصرا طلب

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جڊيشل ڪائونسل اجلاس ۾ ججز خلاف 35 مان 30 شڪايتن کي رد ڪيو ويو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق، چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جسٽس هاشم ڪاڪڙ شرڪت ڪئي.
پڌرائيءَ موجب اجلاس دوران آرٽيڪل 209،8 تحت ججز جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ ترميمن تي بحث ٿيو ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل پروسيجر آف انڪوائري 2005 ۾ ترميمن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۽ انڪوائري پروسيجر ۾ ترميمن جي سفارش لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي ۽ ڪميٽي جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ جوڙي وئي آهي.
پڌرائيءَ موجب اجلاس دوران آرٽيڪل 209 تحت ججز خلاف 35 شڪايتن جو جائزو ورتو ويو ۽ 30 شڪايتن کي اڪلايو ويو، جڏهن ته 5 تي تبصرا طلب ڪيا ويا آهن.

ڊسمبر 13, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو