”مدرسا بل ايڪٽ ٿيڻ سان ايف اي ٽي ايف سميت ٻيون عالمي پابنديون لڳي سگهن ٿيون“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري طرفان مدرسا رجسٽريشن سان لاڳاپيل سوسائٽي رجسٽريشن بل تي اعتراضات سامهون اچ يويا.
ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ تي 8 اعتراضات اُٿاريا آهن.
صدر اعتراض ڪيو آهي ته بل جي قانون بڻجڻ سان جيڪڏهن مدرسا جيڪڏهن سوسائٽيز ايڪٽ تحت رجسٽر ٿيندا ته ايف اي ٽي ايف ۽ جي ايس پي سميت ٻين پابندين جو خدشو آهي، مدارسن جي رجسٽريشن سوسائٽيز ايڪٽ ذريعي شروع ڪئي وئي ته قانون جي پڪڙ گهٽجي ٿي ۽ پوءِ قانون گهٽ ۽ ڏاڍ وڌيڪ هوندو.
اعتراضن ۾ چيو ويو آهي ته سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 1860 ۾ ديني تعليم شامل ناهي، جڏهن ته ان ۾ فائن آرٽ تعليم شامل آهي، جنهن ۾ ڊانس ڪلاسز ۽ آرٽ ڪلاسز شامل آهن.
صدر جو اعتراض آهي ته جيڪڏهن سوسائٽي رجسٽريشن ۾ ديني تعليم ۽ فائن آرٽ رکيا وڃن ته تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو.
صدر خدشو ظاهر ڪيو آهي ته تجويز ڪيل بل جي منظور ٿيڻ سان عالمي سطح تي پابنديون لڳي سگهن ٿيون.
هن اسيمبلي ميمبرن کي تجويز ڏني آهي ته مدرسن بابت بل ٺاهڻ وقت عالمي سطح جي معاملن کي ذهن ۾ رکيو وڃي.
ذريعن موجب صدر پاڪستان جي اعتراضن تي حڪومت غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ بل تي وچولو رستو ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن.
ياد رهي ته صدر آصف زرداري طرفان مدرسا رجسٽريشن بل تي اعتراض لڳايا ويا آهن ۽ ان حوالي سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کي ڊيڊ لائن ڏني هئي.