صحافي، ليکڪ ۽ شاعر شبير سومري جي عيادت
قاضي اعجاز
ناميارو سينئر صحافي شبير سومرو المعروف سقراط سيتائي جاکوڙي ريسرچر صحافي ھئڻ سان گڏو گڏ ماضيءَ جو بھترين استاد بھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ھو پنھنجي زندگيءَ جوڳچ عرصو ڪراچي ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ درس ۽ تدريس جي عمل سان پڻ لاڳاپيل رھيو آھي. ملڪ اندر علائقائي ٻولين کي آرمي پبلڪ اسڪول مان نيڪالي ملڻ واري جوڙيل پاليسي سبب سنڌي استاد طور مقرر ٿيل شبير سومرو کي ھيڊ آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنھن کان آفيس جو ڪم ورتو ويندو ھو، پر اڻٽر سببن جي ڪري کيس اھا نوڪري پڻ ڇڏڻي پئي، ھتي اھو بھ ٻڌائندو ھلان تھ شبير سائين ڀلوڙ شاعر بھ آھي ۽ ھن مھل تائين سندس 17 ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن.
شبير سومري جي صحافتي شعبي سان انتھائي درجي واري وابستگي جو عالم اھو آھي جو جولاءِ 2007ع ۾ ملڪ اندر آمر حڪمران پرويز مشرف پاران آمريڪا جي حڪم تي لال مسجد اسلام آباد تي فاسفورس بم وسيلي حملو ڪيو ھو تھ ان وقت ڪراچي مان اردو اخبار پاران کيس اسلام آباد رپورٽنگ لاءِ موڪليو ويو ھو، جنھن اڻڌري رپورٽ تيار ڪري بھترين صحافتي ڪردار ادا ڪيو ، اھڙي ٿيل رپورٽنگ جي حوالي سان آمر حڪومت پاران مٿس ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا. ڪجھھ ڏينھن اڳ اھڙي جاکوڙي صحافي جي بيماري جو ٻڌي مانواري صحافي دوست جاويد مھر چيو تھ وٽس ھلي عيادت ڪرڻ گھرجي،سندس قيمتي صلاح تي مان ۽ جاويد مھر سميت شوڪت جانوري سندس گھر پھتاسين، شبير سومرو صاحب ڪراچي پريس ڪلب جو ميمبر پڻ آھي، ھتي ھڪ مزي جي ڳالھھ شيئر ڪيان تھ ان ملاقات کان ھڪ ڏينھن اڳ ساڻس وقت طئي ٿيو ھو، پر گھر جو ڏس پتو نھ ملڻ جي ڪري واپس ٿياسين، ٻيو وري ان ڏھاڙي صحافتي سٿ جو ساٿي بخت کونھارو گذاري ويو، ان ڪري بھ سندس جنازي ۾ وڃڻ وڌيڪ بھتر سمجھيو، بھرحال شبير سومري صاحب وٽ پھچي عيادت ڪندي کيس گلن جا تحفا پيش ڪيا.
ان موقعي تي ڪچھري ڪندي شبير سومري صاحب بيماري دوران ٿيل تجربي جي بنيادن ھيٺ ٻڌايو تھ ملڪ اندر وڏين خانگي اسپتالون مريضن کان رڳو رقم ڦر ڪرڻ جون مشينون بڻيل آھن، سندس چواڻي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي اسپتال آغا خان ۾ داخل ٿيس، چئن يا پنجن ڏھاڙن جي علاج بعد چار لک رپين جو بل ھٿن ۾ ڏنو ويو، جڏھن تھ بيماري تي بھ ڪو ضابطو نھ اچي سگھيو، ائين چئجي تھ ويتر طبيعت ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ لڳو، مجبوري ۾ اتان ڊسچارج ٿيندي ڪنھن دوست جي صلاح تي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ موجود “ انڊس اسپتال” ۾ پھتس، جنھن جي عمارت اسٽيٽ آف آرٽ ڏسڻ ۾ آئي، پر دل ۾ اھا ھر کر ھئي تھ ھتي بھ علاج بھتر ٿيندو الاءِ نھ، اھڙي ڳڻتي واري صورتحال ۾ اوپي ڊي پھتس تھ اتي موجود ڊاڪٽرن جي رويي تي ڪجھھ اطمينان ٿيو، ماھر ڊاڪٽرن پاران مون کي ايڊمٽ ڪارڊ حوالي ڪندي طبي چڪاس ڪئي ۽ اسپتال ۾داخل ٿيڻ جو مشورو ڏنو ويو،پنھنجي پٽن ۽ خاندان جي ٻين فردن جي صلاح سان مان اسپتال ۾ داخل ٿيس، پھرئين ڏينھن تي جھڙي نموني منھنجي علاج جي شروعات ڪئي وئي، اھا ڪنھن تعجب کان گھٽ نھ ھئي، ڇاڪاڻ تھ پاڪستان جي سمورين اسپتالن ۾ جيڪا روايتي طبي چڪاس ٿيندي آھي، ان جي بلڪل ابتڙ ميڊيڪل ٽيسٽون ليباريٽري ۾ وڃڻ کان سواءِ بستري تي ڪيون ويون ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ رپورٽون اچڻ بعد ڊاڪٽر فوري طور پھچي دوائون تجويز ڪيون، اھي سموريون دوائون پڻ انڊس اسپتال پاران مھيا ڪيون وينديون ھيون، اتي دوائن، کاڌي وغيرھھ جو ڪوبھ خرچ مريض کان نھ ٿو ڪرايو وڃي، جڏھن تھ اسپتال پاران مريض جي مخصوص خوراڪ بھ لاڳاپيل شعبي جا ڊاڪٽر ڪندا ھئا ۽ انھيءَ ڊاڪٽر جي تجويز ڪيل ڊائيٽ پلان تحت صبح (نيرن)، منجھند، شام (ريفريشمنٽ) ۽ رات جي ملندڙ ماني ڪنھن بھ فائيو اسٽار ھوٽل جي ماني واري معيار کان گھٽ نھ ھئي.
شاندار ڪچھري شبير سومري وڌيڪ صاحب ٻڌايو تھ انڊس اسپتال جي سي اِي او ڊاڪٽر عبدالباري باري صاحب ڪجھھ عرصو اڳ ھڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ھو تھ اسپتال ھلائڻ لاءِ ٿيندڙ خرچ جو 8 سيڪڙو سنڌ حڪومت جي بجيٽ شامل ھوندي آھي، جڏھن تھ 92 سيڪڙو خرچ مختلف ڊونرن پاران ڪيو ويندو آھي، اھو ان ڪري جو اسپتال پاران ڊونرز جي اعتماد کي نقصان ناھي پھچايو ويو، اھو ئي سبب آھي جو انڊس اسپتال جي روزاني اٽڪل ھڪ ارب رپين جو خرچ بنا ڪنھن ھٻڪ جي ڊونرزپاران مھيا ڪيو وڃي ٿو. شبير سومري صاحب سان ڪچھري ختم نھ ڪرڻ جھڙي ھئي، پر صحافتي ڊيوٽي جي مجبوري سبب ٽنھي ڄڻن کائنس وري ڪنھن ٻئي ڀيري ملاقات جو چئي اجازت ورتيسين،
