دادو : پرنسپال کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف شھرين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج جي پلاٽ تي بااثرن پاران مبينا قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪاليج جي پرنسپال کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف شھري روڊن تي نڪري آيا، دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، شھرين ڪائونسلر سيد امير شاھ بخاري، آصف ملاح، جنيد ملاح، صدام وڳڻ، جاويد پنھور ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته
بااثر قبضہ مافیا امبر چانڊيو، پرويز چارڻ ۽ راشد چارڻ ۽ ٻين ڪاليج جي سرڪاري پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاھن ٿا،ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر محمد عرفان ڪلھوڙو کي بااثر پاران ڳرا نتيجا پوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيون ويون آھن، جنهن جي اسين سخت لفظن ۾مذمت ڪيون ٿا،هنن آء جي سنڌ، ايس ايس پي دادو کان نوٽيس وٺي بااثرن قبضہ معافيا خلاف قانوني ڪاروائي ڪري پروفيسر محمد عرفان ڪلھوڙو کي تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،
جُون 13, 2023