وڳڻ : پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) طرفان تعلقي وارھ لاءِ نئوان عھديدار چونڊيا ويا
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) طرفان تعلقي وارھ تي نئون عھديدار چونڊي باڊي جو اعلان ڪيو ويو تفصيل موجب پ پ پ شھيد ڀٽو ضلعي صدر محمد جان بروهي طرفان وارھ شھر ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو
جنھن بعد تعلقي وارھ ۽ سٽي وارھ تي پ پ پ شھيد ڀٽو طرفان نوان عھديدار چونڊي باڊين جو اعلان ڪيو ويو تعلقي وارھ صدر لاءِ ذوالفقار صاحباڻي،محرم چانڊيو،نجات خان مغيري،وھاب ڇٽو،عاجز چانڊيو، نديم علي،راجا ڇٽو،اصغر چانڊيو،سرويچ چانڊيو،روشن علي خاصخيلي ۽ ٻيا عھديدار چونڊيا ويا
انھي موقعي تي ضلعي صدر محمد جان بروهي جو چوڻ ھو ته ھي باڊي ٺاھڻ جو مقصد صرف ھڪ ئي آھي تہ شھيد مير مرتضي ڀٽو جو ڇڏيل مشين کي اسان سب گڏجي پنھنجي پورو ڪنداسين شھيد مير مرتضي ڀٽو پاڪستان جي عوام جي خوشحالي لاءِ جاکوڙي پاڪستان جي ڪرپٽ ٽولي سان جنگ جوٽي شھادت ماڻي پر انھي ڪرپٽ نظام اڳيان نه جھڪيو.
جُون 13, 2023