2011 واري ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل فڪس هو؟ شاهد آفريدي وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي 2011 واري عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڀارت خلاف ميچ فسڪنگ بابت افواهن تي ردعمل ڏئي ڇڏيو.
هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران اڳوڻي ڪپتان ڪرڪيٽ ڪيريئر سميت نجي زندگي ۾ ۾ پيش آيل واقعن بابت دلچسپ انڪشاف ڪيا.
پوڊ ڪاسٽ ۾ ميزبان شاهد آفريديءَ کان سوال ڪيو ته 2011ع ۾ موهالي ۾ ڀارت خلاف کيڏيل ورلڊ ڪپ سيمي فائنل بابت ڪيئي افواهه آهن ته اِها ميچ فڪس هئي يا وري ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن وچ ۾ ڪا سيٽنگ ٿي؟
اڳوڻي آل رائونڊر جواب ڏيندي چيو ته اِهي بيڪار ڳالهيون آهن، اهڙو ڪجهه نه ٿيو هو، 2011ع واري عالمي ڪپ ۾ جهڙي ريت ٽيم متحد ٿي کيڏي ان جو مثال نٿو ملي، سڀني رانديگرن زبردست ڪارڪردگي جو ۾ظاهرو ڪيو هو.
ميزبان هڪ ڀيرو وري شاهد آفريدي کان پڇيو ته ڇا ڪنهن ميچ فسڪنگ بابت اوهان سان رابطو به نه ڪيو هو؟
جنهن تي اڳوڻي ڪپتان مخصوص انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته” ايتري جرئت ڪنهن ۾ به ناهي.“
واضح رهي ته 2011ع ۾ موهالي ۾ کيڏيل ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست ڏني هئي ۽ وري فائنل ۾ سريلنڪا کي هارائي 28 ورهين بعد ورلڊ چيمپيئن بڻيو هو.
پاڪستان جي تڏوهڪي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خاص مهمان جي حيثيت ۾ ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه جي دعوت تي پاڪ-ڀارت سيمي فائنل ڏسڻ ويو هو، جتي هن ڀارتي هم منصب سان گڏ اِها مقابلو ڏٺو هو.
سيمي فائنل ۾ ڀارت هٿان پاڪستان جي شڪست شوقينن کي مايوس ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته ميچ فسڪنگ جون خبرون پڻ سامهون آيون هيون.