ٽي ڀيرا آپگهات جي ڪوشش ڪري چڪي آهيان: ثروت گيلاني
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ثروت گيلاني انڪشاف ڪيو آهي ته مان سخت ڊپريشن سبب 3 ڀيرا آپگهات جي ڪوشش ڪري چڪي آهيان.
هڪ انٽرويو ۾ گفتگو ڪندي ثروت گيلاني چيو ته مان پنهنجي ڌيءَ جي پيدائش کانپوءِ پوسٽ پارٽم ڊپريشن مان گذريس ۽ پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ چاهي.
هن چيو ته مان ٽي ڀيرا آپگهات جي ڪوشش ڪئي، ڊرائيونگ ڪندي سوچيندي هيس ته ٿنڀي کي ٽڪر هڻي ڇڏيان، ڊپريشن سبب اهڙا خيال ايندا آهن.
سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ٿراپي ڪرائي، جنهن کانپوءِ معمول تي اچڻ جهڙي ٿيس.
واضح رهي ته پوسٽ پارٽم ڊپريشن ٻار جي پيدائش کانپوءِ عورتن ۾ ٿيندڙ هڪ عام عارضو آهي.
ياد رهي ته ثروت گيلاني آگسٽ 2014 ۾ اداڪار فهد مرزا سان شادي ڪئي هئي ۽ هوءَ ٽن ٻارن جي ماءُ آهي.