ڀتو نه ڏيڻ تي ڌاڙيلن 12 ايڪڙ ڪمند جي فصل کي باهه ڏئي ڇڏي

Spread the love

راجن پور (ويب ڊيسڪ) راجن پور ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي ڌاڙيلن 12 ايڪڙن تي ٻڌل ڪمند جي فصل کي باهه ڏئي ڇڏي.
پوليس موجب واقعو راجن پور جي علائقي ڪچه بنگله اڇا ۾ پيش آيو، جتي ڌاڙيلن مقامي آبادگارن جو وڏو نقصان ڪري ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته ڌاڙيلن ڀتو نه ٿيڻ تي 12 ايڪڙ ڪمند جي فيصل کي باهه ڏئي ڇڏيو.
آبادگارن چيو ته مقامي ماڻهن ۽ پوليس گڏجي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهڻو ڪمند سڙي ويو.
پوليس موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڌاڙيلن جي ڀتو نه ڏيڻ تي آبادگارن کي ڌمڪي جي وڊيو وائرل ٿي هئي.

ڊسمبر 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو