عاطف ماضيءَ جو قصو، طلحه موسيقي جي دنيا جو نئون بادشاهه بڻجي ويو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني گلوڪار ۽ ريپر طلحه انجم عاطم اسلم کي پوئتي ڇڏيندي 2024 ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ٻڌي ويندڙ مقامي فنڪار جو اعزاز ماڻي ورتو آهي، ان کان اڳ عاطف اسلم لاڳيتو ٽن ورهين تائين ان فهرست ۾ سرفهرست رهيو هو.
اسپوٽيفاءِ طرفان 2024 جي مقبول ترين پاڪستاني فنڪارن، گيتن ۽ ٽرينڊ جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
اسپوٽيفاءِ طرفان مرتب ڪيل لسٽ ۾ ريپر طلحه انجم پهريون نمبر ماڻيو، جڏهن ته عمير ٻئي ۽ عاطم اسلم ٽئين نمبر تي آهي.
فهرست حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته ان 1997ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويل قوالي جي شهنشاهه اُستاد نصرت فتح علي خان به ٽاپ فائيو ۾ شامل آهي.

ڊسمبر 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو