چيمپيئنز ٽرافي: ڀارت جون ميچون يو اي اي ۾ ٿينديون،ٽو نيشن فارمولي جا تفصيل سامهون اچي ويا
نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي هائبرڊ ماڊل تحت ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي.
چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي ڀارتي ڪرڪيٽ ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته چيمپيئنز ٽرافي هائبرڊ ماڊل تحت ٿيندي، پاڪستان هائبرڊ ماڊل بدران چيمپيئنز ٽرافي ٽو نيشن فارمولو ڏنو.
ويب سائيٽ موجب، پاڪستان نيوٽرل وينيو تي ڀارت سان ٽه ملڪي سيريز کيڏڻ جي شرظ به لاڳو ڪيو، ڀارت ٽه ملڪي سيريز ڪرائڻ جو مطالبو منظور نه ڪندو، بورڊ ميمبرز جي اڪثريت چيمپيئنز ٽرافي ٽو نيشن فارمولي تي اتفاق ڪندي.
ويب سائيٽ جي دعويٰ آهي ته آءِ سي سي اجلاس ۾ هائبرڊ ماڊل جي منظوري جو امڪان آهي، جنهن تحت ڀارت جون ٽي ليگ ميچون هڪ سيمي فائنل ۽ فائنل ٻئي ملڪ ۾ کيڏيا ويندا.
ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته ڀارت جي ميچن لاءِ متبادل وينيو يو اي اي هئڻ جو امڪان آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ماڊل قبول ڪرڻ لاءِ چار کان پنج شرط رکيا آهن پر بي سي سي آءِ طرفان ڪو به قبول ڪرڻ جو امڪان نه آهي.
ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته براڊ ڪاسٽرز به پاڪستان جي شرطن سان متفق نه آهن، اُهي به پي سي پي جي شرطن جي مخالفت ڪندا.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان طرفان ردعمل ظاهر ڪندي چيو ويو آهي ته ڀارتي ويب سائيٽ جي خبر بي بنياد آهي.