منصور شاهه جو چيف جسٽس کي خط:26آئيني ترميم خلاف درخواستن جي فيصلي تائين جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي کي 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جو فيصلو ٿيڻ تائين جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.
جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس جي نالي خط ۾ 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻيءَ لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيو.
جسٽس منصور چيو ته 26 هين آئيني ترميم تحت جڊيشل ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي هئي ۽ ترميم خلاف ٻه درجن کان وڌيڪ درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن.
خط جي متن موجب، 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستون رد به ٿي سگهن ٿيون ۽ منظور به ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن درخواستون منظور ٿين ٿيون ته جڊيشل ڪميشن جي فيصلن جي اهميت ختم ٿي ويندي ۽ اهڙي صورتحال اداري ۽ ميمبرن لاءِ شرمساري جو سبب بڻجندي تنهنڪري جڊيشل ڪميشن جو ڇهه ڊسمبر وارو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي.
جسٽس منصور خط ۾ چيو ته 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي فيصلو ڪري جڊيشل ڪميشن جي قانوني حيثيت جو هميشه لاءِ فيصلو ڪري سگهجي ٿو، جسٽس منيب اختر ۽ هن 31 آڪٽوبر واري اجلاس ۾ 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ان فيصلي باوجود رجسٽرار طرفان ڄاڻايل درخواستون فول ڪورٽ آڏو ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو ويون.
سينيئر جج لکيو ته 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن بابت فيصلو ٿيڻ انتهائي ضروري ۽ وڏي اهميت رکي ٿو، آرٽيڪل 191 اي تحت سپريم ڪورٽ جي ريگيولربئنچ آئيني درخواستن نه ٿي ٻڌي سگهي، پر آرٽيڪل 191 اي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بئنچ کي آئيني درخواستن تي ٻڌڻي کان نه ٿو روڪي.
