توشاخانا ٽو ڪيس: بشري بي بي جا گرفتاري وارنٽ جاري

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي مقامي عدالت توشا خانا ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
راولپنڊي جي سينٽرل جج شاهه رخ ارجمند اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا ٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت مسلسل غير حاضري تي بشريٰ بي بي جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ سندس اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي.
عدالت بشريٰ بي بي جي ضامن کي به نوٽيس جاري ڪندي چيو ته ڇو نه اوهان جا شورٽي بانڊز ضبط ڪيا وڃن.
واضح رهي ته اڄ ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ٽو ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي بشريٰ بي بي کي نوٽيس جاري ڪيو هو.

ڊسمبر 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو