شام جي صورتحال تي ڳڻتي آهي: پاڪستان
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم رياض سمٽ ۾ پاڻي بابت مسئلن جو حل پيش ڪيو، سعودي عرب جي دوري دوران شهباز شريف ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته علائقائي استحڪام لاءِ شام ۾ امن اڻٽر آهي، پاڪستان کي شام جي صورتحال تي ڳڻتي آهي.
سندس چوڻ هو ته شام جي حالتن سان خطي ۾ عدم استحڪام وڌندو، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ٿيڻ گهرجي، امن ذريعي ئي خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪري سگهجي ٿو.
ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته وزيراعظم رياض سمٽ ۾ پاڻي بابت مسئلن جو حل پيش ڪيو، سعودي عرب جي دوري دوران شهباز شريف ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف شعبن ۾سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.
هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي هاڻوڪي ٺهراءَ جي آجيان ڪري ٿو، ٺهراءَ ۾ فلسطيني علائقن مان اسرائيلي قبضي جي خاتمي جو چيو ويو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار مشهد ۾ اي سو او وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪري توانائي چارٽر تي صحي ڪئي.
