پي آءِ اي خانگائڻ وارو مامرو، سپريم ڪورٽ مان وڏي خبر اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ قومي ايئر لائين جي نجڪاري روڪڻ وارو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.
جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بئنچ قومي ايئر لائين کي خانگائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ قومي ايئر لائين انتظاميا کي نوان پروفيشنلز ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، حڪومت قومي ايئر لائين جي خانگائڻ جو عمل شروع ڪيو هو، نجڪاري سبب قومي ايئر لائين ۾ نيون ڀرتيون ناهن ڪيون ويون، نجڪاري وارو عمل ٻيهر شروع ٿي رهيو آهي.
ايڊيشنل اٽارني ٻڌايو ته قومي ايئر لائين فلائيٽ آپريشن تان پابندي به ختم ٿي وئي آهي.
جسٽس امين الدين رمارڪس ڏنا ته ٻيهر نجڪاري واري عمل ۾ هاڻي شايد ريٽ وڌيڪ ملي، جڏهن ته جسٽس جمال خان مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته قومي ايئر لائين جي نجڪاري ڪري حڪومت ڪٿي سپريم ڪورٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي ته ناهي ڪري رهي؟
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته نجڪاري عدالت کي اعتماد ۾ وٺي ڪئي وڃي جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته نجڪاري تي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي هئي.
جسٽس جمال مندوزيل رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت پنهنجو اعتماد ڏئي ٿي، قومي ايئر لائين جي نجڪاري سٺي طريقي سان ڪريو.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ قومي ايئر لائين جي نجڪاري روڪڻ جو حڪم واپس وٺندي درخواست اُڪلائي ڇڏي.

ڊسمبر 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو