ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ اڊيالا جيل حوالي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي وڊيو ليڪ ڪيس ۾ عدالت جوابدار صندل خٽڪ کي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو آهي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ خلاف ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جون وڊيوز ليڪ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ کي ريمانڊ لاءِ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر صندل خٽڪ جي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.
صندل خٽڪ جي وڪيل عدالت ۾ ٻڌايو ته صندل خٽڪ جو موبائيل فون اڳ ئي جاچ آفيسر جي قبضي ۾ آهي.
بعد ۾ عدالت جاچ آفيسر جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ کي جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو.
