جوءِ روٽ عظيم سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

Spread the love

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربيڪار بيٽر جوءِ روٽ ڀارت جي اڳوڻي ليجنڊري ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر جو اهم ٽيسٽ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
انگلينڊ طرفان ٽيسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ جوءِ روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏيندي چوٿين اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيو.
روٽ اِهو اعزاز نيوزيلينڊ خلاف ٽن ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ دوران ماڻيو، جوءِ روٽ جون ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي چوٿين اننگز ۾ مجموعي طور 1630 رنسون ٿي ويون آهن، جڏهن ته سچن ٽنڊولڪر 1625 رنسون ٺاهيون هيون.
150 ٽيسٽ کيڏندڙ جوءِ روٽ 1630 رنسون 49 اننگز ۾ اسڪور ڪيون، جڏهن ته سچن ٽنڊولڪر اِهو ڪارنامو انجام ڏيڻ لاءِ 60 دفعا بيٽنگ ڪرڻي پئي هئي.
انگلش بيٽر نيوزيلينڊ خلاف 104 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ٻي اننگز ۾ 23 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم کي اٺ وڪيٽن تان سوڀ ڏياري.
واضح رهي ته جوءِ روٽ انگلينڊ طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪندڙ بيٽر آهي، هن 150 ميچن ۾ ٻارنهن هزار ست سئو ستهتر رنسون ٺاهيون آهن.

ڊسمبر 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو