فهيم اشرف جي گهرواري ٻن جاڙن پٽن کي جنم ڏئي ڇڏيو

Spread the love

پتوڪي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر فهيم اشرف جي گهر وڏي خوشي اچي وئي، هو ٻن جاڙن پٽن جو پيءُ بڻجي ويو.
فهيم اشرف جي گهرواري ٻن جاڙن ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پتوڪي ۾ سندس گهر ۾ خوشين جو ماحول آهي.
فهيم اشرف جي پيءُ راڻا محمد اشرف جو چوڻ آهي ته پوٽن جي پيدائش تي انتهائي خوش آهيان، ٻئي ٻار صحتمند آهن.
واضح رهي ته فهيم اشرف نومبر 2023 ۾ شادي ڪئي هئي.

ڊسمبر 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو