تيل اگهن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي؟ اهم خبر اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي ماريل شهرين لاءِ بري خبر سامهون اچي وئي، اڄ رات کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پيٽرول جو اگهه 3 رپيا 15 پئسا في ليٽر وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 20 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
امڪاني ايڊجسٽمينٽ جو سبب عالمي سطح تي تيل اگهن ۾ لاها چاڙها آهن، جنهن درآمدي لاڳت کي متاثر ڪيو آهي.
پيٽروليم وزارت ان حوالي سان ورڪنگ پيپر تيار ڪري رهي آهي، جنهن کي ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪليو ويندو ۽ ناڻي وارو وزير وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ نون اگهن جو اعلان ڪندو.

ڊسمبر 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو