انڊر 19 ايشيا ڪپ: پاڪستان ڀارت کي 43 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

Spread the love

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ ڀارت کي 43 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪئي، اوپنرن عثمان خان ۽ شاهه زيب خان پهرين وڪيٽ تي 160 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
شاهه زيب 159 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 10 ڇڪا ۽ 5 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته عثمان خان 60 رنسون ٺاهيون.
هارون ارشد 3، رياض الله 27، فهام ۽ ڪپتان سعد بيگ 4-4، عمر زيب 2، نويد خان 5 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 281 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ ڀارتي ٽيم 47.1 اوورن ۾ 238 رنسن تي ڍير ٿي وئي، نک ڪمار 67 ۽ محمد عنان 30 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان علي رضا 3، سبحان ۽ فهام 2-2، نويد خان ۽ عثمان خان هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

نومبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو