لڪي مروت ۾ فائرنگ، پنجاب پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

Spread the love

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ پنجاب پوليس جي
اهلڪار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب واقعو پهاڙ خيل پڪه جي علائقي ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ جي نتيجي ۾ پنجاب پوليس جي سب انسپيڪٽر عبدالقدير سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.
مارجي ويلن ۾ پي پٽ به شامل آهن، جڏهن ته شهيد اهلڪار موڪل تي گهر ويو هو.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

نومبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو