موري لڳ رهواسين جو بااثر خلاف احتجاج: زمين تي مبينا قبضي جو الزام

Spread the love

مورو (رپورٽر) مورو ڀرسان درس ٿاڻي جي حد ڳوٺ رسول بخش مري  جي رھواسي نذير مري مريد مري امير وزير فريد مري احتجاج ڪندي چيو آھي تہ اسان جي زرعي زمين تي بااثر دودو خان مري خادم مري ۽ ٻيا قبضو ڪرڻ لاء ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون کڻي آيا جو اسان پنھنجي ڪم ڪار سان ھئڻ ڪري ھنن اسان مٿان ڏنڊن جا وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي

جڏھن ته ساڳي ئي زمين جو ڪيس ڪورٽ سڳوري ۾ ھلندڙ آھي ۽ ان جو علائقي جي چڱن مڙسن وٽ فيصلو پڻ رکيل ھئو مگر فيصلو ڪرڻ کان اڳ اسان مٿان حملو ڪري اسان کي سخت زخمي ڪيو ويو آھي اھڙي رپورٽ حد جي ٿاڻي درس تي داخل ڪرائي وئي آھي مگر درس پوليس مخالف ڌر کان ڳري رشوت وٺڻ ڪري اسان جي نوجوان ذوالفقار خان مري کي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي اسان غريب مسڪين مزدور ماڻھو آھيون

درس پوليس ايس ايڇ او اسان کان ڳري رشوت طلب ڪري رھيو آھي اسان وٽ پئسا نه ھئڻ ڪري اسان کي پريشان ڪيو پيو وڃي متاثر ڌر جي ماڻھن پاران ڊي ايس پي مورو ايس ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

نومبر 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو