اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اهم فيصلن تي عملدرآمد نه ٿيڻ جو انڪشاف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اهم فيصلن تي عملدرآمد نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن موجب اي سي سي طرفان ڪيل پاليسي فيصلن ۽ حڪمن تي مختلف وزارتن ۽ کاتن طرفان عملدرآمد نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي سي جي فيصلن تي عملدرآمد نه ٿيڻ جو نوٽيس ورتو ويو آهي، 8 کان وڌيڪ وزارتن ۽ ڪيترن ئي کاتن اي سي سي جي اهم ترين فيصلن کي اهم نه سمجهيو، جنهن تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.

نومبر 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو