اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي ڏينهن، هر رڪارڊ ن ليگ جي دور ۾ ٺهندو آهي: مريم نواز

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي ڏينهن تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي بهترين پرفارمنگ ايڪوئٽي مارڪيٽ جو درجو حاصل ڪري چڪي آهي.
پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿي، اسٽاڪ مارڪيٽ جي تيزي ۽ بلندي سميت هر تاريخي ڪم ۽ عوامي ڀلائي جو هر رڪارڊ ن ليگ جي دور ۾ ٺهندو آهي.
هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ جو هڪ لک پوائنٽون پار ڪرڻ عالمي سطح تي پاڪستاني معيشت جي وڌندڙ اعتماد جو واضح ثبوت آهي، ن ليگ جي قيادت ۾ ملڪ نه رڳو استحڪام حاصل ڪيو پر ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد دليل آهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي.

نومبر 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو