اسلام آباد ۾ فوج طلب، شرپسندن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ فوج طلب ڪندي شرپسندن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران ڏڦيڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ۾ فوج طلب ڪئي وئي آهي، گهرو وزارت نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفيڪشن موجب، آرٽيڪل 245 تحت پاڪ فوج کي گهرايو ويو آهي ۽ واضح ڪيو ويو آهي ته قانون ٽوڙيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوج کي ڪنهن به علائقي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ڪرفيو لڳائڻ جا اختيار به ڏنا ويا آهن.
شاهراههِ دوستور وٽ پارليامينٽ سميت سمورن اهم عمارتن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج مقرر ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، سڪيورٽي ادارن کي ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي موقعي تي گولي هڻڻ جا واضح حڪم ڏنا ويا آهن.

نومبر 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو