اردو ادب جي ناليواري شاعرا پروين شاڪر جو 72هون جنم ڏينهن

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محبت جي خوشبوءَ کي شعرن ۾ سمائيندڙ شاعرا پروين شاڪر جي اڄ 72 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.
گُلن ۽ خوشبوءَ جي شاعرا پروين شاڪر 24 نومبر 1952 تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو، اردو ۾ سندس ڪلام کي هڪ خاص ۽ نرالي حيثيت حاصل آهي، هوءَ تعليم دوران اردو بحثن ۾ حصو وٺندي هئي، ان سان گڏوگڏ ريڊيو پاڪستان جي مختلف علمي ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندي رهي.
انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪيائين ۽ ان ئي مضمون ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
پروين شاڪر استاد جي حيثيت سان تعليم جي شعبي سان به سلهاڙيل رهي ۽ پوءِ هن سرڪاري ملازمت به اختيار ڪئي.
بينا جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪندڙ شاعرا پروين شاڪر جو پهريون شعري مجموعو ”خوشبو“ 1970 ۾ ڇپيو، ان جي غير معمولي مشهوري کان پوءِ پروين جي شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيا، جن ۾ انڪار، صدِبرگ، خودڪلامي ۽ ڪيف آئينا سميت ٻيا شامل آهن، هن شاعري سان گڏوگڏ ڪالم نويسي پڻ ڪئي.
روح جي گهرائين سان شعر تخليق ڪندڙ شاعرا پروين شاڪر کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترن اعزازن سان نوازيو ويو، جن ۾ سندس ڪلام خوشبو تي کيس آدم جي ادبي انعام، خود ڪلاميءَ تي اڪادمي ادبيات طرفان ادبي انعام ۽ پاڪستان جي حڪومت طرفان صدارتي تمغو حسن ڪارڪردگي به ماڻيائين.
روين شاڪر 26 ڊسمبر 1994ع تي اسلام آباد ۾ روڊ حادثي ۾ 42 ورهين جي ڄمار هن فاني دنيا ۾ لاڏاڻو ڪيو.

نومبر 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو