”رٽائرمينٽ يا طلاق؟“ ويرات ڪوهليءَ جي پوسٽ مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جي 20 نومبر تي سوشل ميڊيا تي ڪيل پوسٽ مداحن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
ويرات ڪوهلي اربع جي ڏينهن مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ مونجهاري جو شڪار ٿي ويا ته ڇا اِها پوسٽ طلاق بابت آهي يا رٽائرمينٽ جي حوالي سان ڪئي وئي آهي.
اسٽار بيٽر طرفان ڪيل پوسٽ ۾ لکيو ته ” پٺتي نظر ڊوڙائي ڏسئون ته اسان هميشه مختلف هئاسين، اسان ڪنهن سانچي ۾ بند نه ٿياسين، جنهن ۾ اسان کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻه غلط ماڻهو جيڪي هڪ ٿي ويا.“
پوسٽ ۾ ظاهري طور مردن بابت تبصرو ڪيو ويو ۽ ان طرف اشارو ڪيو پيو وڃي ته ڪيئن دنيا جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ به، لاهن چاڙهن کي منهن ڏيندي به زندگيءَ ۾ اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
هتي اِها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته اِها پوسٽ ان وقت سامهون آئي جڏهن ته ڀارتي گلوڪار ۽ موسيقار اي آر رحمان ۽ سندس گهرواري سائرا بانو عليحدگي جو اعلان ڪيو، ڪيئي سوشل ميڊيا واهپيدارن ڪوهلي جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي ان کي طلاق سان جوڙيو.
هڪ واهپيدار تبصرو ڪندي لکيو ته ” ذري گهٽ دل جو دورو پوڻ وارو هو“ جڏهن هڪ ٻئي واهپيدار سوال اُٿاريو ته ” ڇا اوهان رٽائر ٿي رهيا آهيو؟“
سنيها نالي صارف پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته ” هيءَ پوسٽ اهڙي طرح ڇو ڪئي وئي آهي جهڙي طرح ماڻهو پنهنجي طلاق جو اعلان ڪندا آهن.
ڪارتڪ نالي واهپيدر چيو ته ” سچ پچ، مان هيءَ پوسٽ پڙهي گهٻرائجي ويو هئس، مون کي لڳو رٽائرمينٽ جو اعلان آهي، ڪجهه دير لاءِ دل جي ڌڙڪن بيهجي ويئي هئي، پر خوشي آهيان ته هي رڳو هڪ اشتهار هو.“