بشريٰ بي بي جو 24 نومبر جي احتجاج ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي 24 نومبر جي احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بشريٰ بي بي جي ترجمان مشعال يوسفزئي چيو ته عمران خان جي گهرواري طبعيت ۾ خرابي سبب احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيندي.
ذريعن موجب بشريٰ بي بي پهرين نومبر کان سياسي سرگرمين ۾ مصروف هئي ۽ 24 نومبر جي تيارين لاءِ پارٽي اڳواڻن سان ميٽگنز ڪيون هيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان بشريٰ بي بي کي سياسي سرگرمين کان پري رهڻ جو پيغام موڪليو هو.

نومبر 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو