پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ: آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي شيڊيول جي ڊيڊ لائين ختم
لاهور ويب ڊيسڪ ) ايندڙ سال فيبروري ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي تي آءِ سي سي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي جڏهن ته شيڊيول جي ڊيڊ لائين ختم ٿي ويئي آهي.
پاڪستان پنهنجي موقف تي قائم آهي ته ڀارت، پاڪستان نه آيو ته هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪيو ويندو، ٻئي پاسي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جئه شاهه آءِ سي سي هيڊ ڪوارٽر دبئي پهچي ويو آهي.
محسن نقوي، ڀارت سان خاموشيءَ سان ڳالهه ٻولهه ۽ وچ وارو رستو اختيار ڪرڻ جو مشورو مڃڻ کان انڪار ڪري آءِ سي سي اختيارين کي پيغام پهچايو ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ نه ايندو ته اسان جي حڪومت به چئي چڪي آهي ته ڀارت سان نه کيڏو، تنهنڪري جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي واري پاليسي اختيار ڪئي ويندي، هن دفعي ڪنهن به دٻاءُ ۾ هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪيو ويندو.
پي سي بي جو موقف آهي ته ڀارت، پاڪستان نٿو اچي ته نائين ٽيم سريلنڪا کي ميگا ايونٽ ۾ شامل ڪيو وڃي، جيڪڏهن آءِ سي سي ڀارت کي شامل ڪرڻ جو ضد تي قائم رهيو ته پوءِ پاڪستان ٽورمانيٽ ۾ حصو نه وٺندو.
هوڏانهن ٻنهي ملڪن ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب آءِ سي سي اڃا تائين ٽورنامينٽ جي شيڊيول جو اعلان ناهي ڪري سگهيو، براڊڪاسٽرز آءِ سي سي تي جلد شيڊيول جي اعلان لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن ۽ براڊ ڪاسٽرز موجب، پاڪ-ڀارت ميچ نه ٿيڻ جي صورت ۾ آءِ سي سي خلاف قانوني رستو اختيار ڪري سگهجي ٿو.