”سياست کي فن کان ڌار رکندي پاڪ-ڀارت فنڪارن کي هڪٻئي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي“
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ور اسٽائيل اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ چيو آهي ته سياست کي فن کان ڌار رکندي پاڪستان ۽ ڀارت جي فنڪارن کي هڪٻئي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت هئڻ گهرجي.
ويجهڙ ۾ ڀارتي ميڊيا کي آن لائين انٽرويو ڏيندي فهد مصطفيٰ مختلف موضوعن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
اداڪار چيو ته پاڪ-ڀارت ۽ ٻنهي ملڪن جو عوام هڪ جهڙو آهي، پاڪستاني ڊرامن کي ڀارت ۾ تمام گهڻي موٽ ملندي آهي اهڙي ريت ڀارتي فلمن کي پاڪستان ۾ بيحد پسند ڪيو ويندو آهي.
هن پاڪ-ڀارت جي فنڪارن مٿان هڪٻئي سان گڏ ڪم ڪرڻ تي مڙهيل پابندي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جا فنڪار گڏجي ڪم ڪندا ته ڏاڍو مزو ايندو ۽ ٻنهي ملڪن جي فنڪارن جو فائدو پڻ ٿيندو.
فهد چيو ته هن وقت ٻنهي ملڪن جي فنڪارن کي ڪنهن گڏيل پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ٽئين ملڪ وڃي شوٽنگ ڪرڻي پوندي آهي پر جيڪڏهن گڏ ڪم ڪرڻ جي اجازت ملي وڃي ته ٽئين ملڪ ۾ شوٽنگ نه ڪرڻي پوندي.
اداڪار تازو ختم ٿيندڙ پنهنجي مقبول ڊرامي ” ڪڀي مين ڪڀي تم “ بابت ڳالهائيندي چيو ته ان ڊرامي جي پروڊڪشن ايمازون ۽ نيٽ فلڪس جهڙي هئي، ان ڊرامي ذريعي ثابت ڪيو ته اسان به عالمي سطح تي ڪم ڪري سگهون ٿا.
بالي ووڊ اداڪارن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اداڪار عرفان خان سندس پسنديدا اداڪار هو.