شازيا مري جو نئين بجيٽ بعد اهم اعلان

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيا مري چيو آهي ته نئين مالي سال لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ کي 404 بلين رپين مان وڌائي 455 بلين رپيا ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته نشونما پروگرام تحت هاڻي 0.643 ملين ٻارن ۽ ڳورهاري عورتن ۽ کير پياريندڙ مائرن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي ۽ 1.5 ملين جي رجسٽريشن جو هدف رکيو آهي.

هن چيو ته هن وقت 90 لک عورتون پروگرام ۾ رجسٽرڊ آهن ۽ بجيٽ وڌائي وئي آهي، ايندڙ سال 9.3 ملين عورتون هن پروگرام جو حصو هونديون.

پروگرام ذريعي ٻار ۽ مائرون فائدو وٺي سگهن ٿيون جڏهن ته 477 سهولتي سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو