ڀارت جو ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کان انڪار، پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ردعمل اچي ويو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي پاڪستان ۾ رٿيل بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کان انڪار بعد پاڪستان جو ردعمل سامهون آيو آهي.
بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 23 نومبر کان پاڪستان ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت پنهنجي ٽيم کي ميگا ايونٽ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي بلائينڊ ٽيم کي راندين واري وزارت اين او سي جاري ڪيو هو جنهن کانپوءِ ٽيم کي گهرو ۽ پرڏيهي وزارت طرفان اجازت گهربل هئي.
ڀارتي بلائينڊ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري شيلندرا يادو تصديق ڪئي آهي ته پرڏيهي وزارت طرفان اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته 25 ڏينهن تائين حڪومتي اجازت جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهون، ڇو ته هاڻي ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ واري آهي.
شيلندر يادو وڌيڪ چيو ته ان معاملي تي پرڏيهي وزارت سان فون تي رابطو ٿيو، پرڏيهي وزارت جي اختيارين چيو ته هو پاڪستان جي دوري جي اجازت نٿا ڏئي سگهن، اين او سي کان انڪار جو باظابطا ليٽر پڻ جاري ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي پاڪستان بلائنيڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين سلطان شاهه چيو آهي ته ڀارتي بلائينڊ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن طرفان انڪار جو ناهي ٻڌايو ويو نه ئي ان حوالي سان لکت ۾ آگاهه ناهي ڪيو ويو.
سلطان شاهه چيو ته خبر ناهي ته ڀارت ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شيڊيول مطابق ٿيندو.

نومبر 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو